ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان جي پهرين عورت رپورٽر، سينيئر صحافي، استاد ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر شاهده قاضي لاڏاڻو ڪري وئي. وارثن موجب پروفيسر شاهده قاضي بيمار هئي ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾ علاج هيٺ هئي. پروفيسر شاهده قاضي 79 ورهين جي هئي، سندس جنازي نماز اڄ ظهر جي نماز بعد ادا ڪئي ويندي. خاندان موجب شاهده قاضي جي تدفين ڪراچي يونيورسٽي جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.واضح رهي ته پروفيسر شاهده قاضي کي پاڪستان جي پهرين عورت ٽي وي رپورٽر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.