جھمپير (ن ع آ)جھمپير لڳ ڳوٺ حاجي عثمان بروھي ۾ جھنگ ۾ مال چاريندي جھيڙو ٿي پيو، ڪھاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب 22 ورهين جو نوجوان رحمان ولد سوڍو بروھي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي جھرڪ اسپتال نيو پئي ويو ته هن زخمن جا سور ن سھندي دم ڏنو، نوجوان جو مڙهه وارث بنا پوسٽ مارٽم جي ڳوٺ کڻائي آيا، لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جھيڙو پاڻ ۾ ٻن سئوٽن جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪي ٻئي ڌنار آھن ۽ جھنگ ۾ مال چاريندي وڙھي پيا، جنهن نتجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.