ن ليگ جي ماضي تي نظر وجهو، رليف وٺڻ ۾ ماهر آهن: نيئر بخاري

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته ن ليگ جو ماضي ڏسو، هو رليف وٺڻ جا ماهر آهن. خانگي  ٽي وي سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته اسان آئيني رستو اختيار ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت کي هٽايو. هن چيو ته حڪومت جي حد تائين (ن) ليگ سان اتحاد هو، ايندڙ چونڊن ۾ هر جڳهه تان اميدوار بيهارينداسين. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جيڪا سهولت فراهم ڪري رهي آهي، سا سڀ ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته جانبداري نه ٿيڻ گهرجي، نگران حڪومت جو ڪم آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪري، ن ليگ جي ماضي تي نظر وجهو، اهي رليف وٺڻ ۾ ماهر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.