ڌارين جي حمايت ۾ احتجاج ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي: لال جروار

ميرپورخاص (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، امير بخش  جروار، ميوارام ۽ غلام مصطفيٰ شر ميرپورخاص جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ھارين ۽ آبادگارن صحافين ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻھن کي دعوتون ڏنيون، ان موقعي تي لال جروار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري سنڌي قوم جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڻ جي سازش آھي، سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمينن تي سڀ کان پھريون حق اتي جي مقامي بي زمين ھارين جو آھي، پيپلزپارٽي طرفان سنڌ ۾ رھندڙ لکين بھارين برمين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ جا مطالبا ڪرڻ وارو عمل سنڌ دشمني تي ٻڌل ۽ سنڌي عوام کي پنھنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ جو عوام پرامن جدوجھد وسيلي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائيندو، اڳواڻن چيو ته غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي سنڌ ۾ عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي،  غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪري سنڌ مان غيرملڪين کي فورن نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ مان غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ گڏيل قومن جا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.