حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ ضلعي قمبر ۽ شھدادڪوٽ پاران 15 نومبر تي نصيرآباد شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو 55 ھين سالگرھ ۽ محبت سنڌ جلسي عام ڪيو ويندو جنھن جي صدارت اياز لطيف پليجو ڪندو.
اياز لطيف پليجي چيو ته گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نه آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي گذريل پندرهن سالن جي حڪومت ڪارڪردگي مڪمل ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي
هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل پندرهن سالن تائين سنڌ جي اقتدار ۾ رھي پر سنڌي جي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو. مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جو ٽولو نااھل، جاهل، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا ھئا ۽ سنڌ جي وسيلن، زمينن کي ڀڳڙن مٽ تي نيلام ڪيو، بھارين، افغانين سميت ڌارين جا سھولتڪار بڻيا ۽ کين ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا.
اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ برابري وارو جمھوري نظام گھرجي، سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي.