دادو (ڊ ر) ميهڙ ۾ ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ام رباب چيو آهي ته ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار سردار بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا استعمال پيا ڪن، پيپلزپارٽي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته ڇا اها قاتلن سان گڏ بيٺل آهي؟.
دادو جي عدالت ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته عدالت ۾ اسان جي ٻئي گواهه کان آڏي پڇا مڪمل ٿي، اڄ اسان جو ٽيون گواهه آڏي پڇا کي منهن ڏيندو.
هن ٻڌايو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو، ام رباب ۽ سندن وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا، جڏهن ته پوليس پاران سردار ڀائرن جي جهڙتي وٺڻ بعد کين عدالت اندر ڇڏيو ويو.
ٻئي پاسي سردار چانڊيو چيو ته اسان جي وڪيل هڪڙي گواهه کان جرح ڪئي، ٻيو گواهه به موجود هو، اسان جي وڪيل هن کان به جرح ڪرڻ پئي گهري، پر ام رباب وارن ٻئي گواهه کي پيش نه ڪيو، ام رباب وارا گواهه کي رات پٽيون پڙهائڻ بعد شايد اڄ عدالت آڏو پيش ڪن.