نوابشاھ(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرون ۽ چوري جي وارداتن خلاف جي يو آءِ سنڌ طرفان نڪتل سنڌ امن مارچ جي حوالي سان نوابشاهه جي مسجد روڊ وٽ جلسو منعقد ڪيو ويو، جي يو آءِ جو سنڌ امن مارچ منزل طرف روان دوان آهي، مختلف شهرن ۾ مارچ جو استقبال ڪيو پيو وڃي.
مولانا راشد محمود سومرو جلسن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ھن وقت امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، ماڻهن کي بک بدحالي جي ور چاڙھيو ويو آهي، اڳوڻي سنڌ حڪومت جا نتيجا نگران حڪومت لوڙي رھي آهي، نگران حڪومت جو حال به پورو سورو ڏسڻ ۾ اچي پيو، سنڌ جي عوام هينئر پ پ پ مان بيزار ٿي چڪي آهي، جاگيرداري نظام ھيٺ پيڙهجي رھي آهي، جي يو آءِ ھڪ نئين اميد ۽ آس سان سنڌ اندر پنهنجو ڪم ڪري رھي آهي، اميد ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جو عوام جي يو آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيندو.
ھن چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ بدامني لاقانونيت عروج تي آهي، پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، ھن امن مارچ جي اڳوڻي سنڌ جي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.
سندس چوڻ هو ته فلسطين ۾ اسرائيل ظلم ڪري رهيو آهي، پارٽي سرواڻ مولانا فضل الرحمان حڪومت پاڪستان کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي ته اسان کي بارڊر کولي ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي جاني ۽ مالي مدد ڪرڻ لاءِ فلسطين وڃي سگهون.
راشد محمود سومرو چيو ته اسان پير پاڳاري جا ٿورائتا آهيون جنهن جي حڪم تي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ جي ڊي اي جي ڪارڪنن اسان جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچڻ بعد سڀ کان پهرين شهيد بشير خان قريشي، مير مرتضيٰ، بينظير ڀٽو ۽ خالد محمود سومرو جي قاتلن کي وائکو ڪري انهن کي عبرتناڪ سزا ڏينداسين.