لاهور ( عوامي آواز نيوز ) آمر ضياءَ جي دور ۾ اٽڪل 32 لک افغان پناهه گير آيا، جيڪي اچڻ سان ئي پاڪستان ۾ هيروئن، ڪلاشنڪوف جو تحفو کڻي آيا ، ان کان اڳ اسان وٽ ڪلاشنڪوف، هيروئن يا ٻي قسم جونشو عام نه هو.
نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته افغاني پناهه گير ڪيمپن مان نڪري ننڍن وڏن شهرن ۾ پکڙجي ويا، ڏسندي ڏسندي ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ هيروئن ۽ هٿيار پهچي ويا.
صحافي موجب، شهرن ۾ منظم ڏوهاري ڪارروايون شروع ٿي ويون، جيڪو دهشتگرد پڪڙيو ويو ان جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي پر وٽائنس پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ هٿ ڪيو ويو، گاڏين، زرعي جنسن ۽ ڊالر جي وڏي پيماني اسمگلنگ به افغانين شروع ڪئي، 32 لک ته آمر ضياءَ جي دور ۾ آيا جن اسان جي معاشرت ۽ سياست مان درگذر وارو رويو ختم ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري انهن جي نيڪالي ضروري آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 28 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي