پ پ ۽ مولانا پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ ڏسڻ چاهين ٿا

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ کي چونڊن۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي .

نامياري صحافي جاويد  چوڌري جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ پ پ پ ۽ جي يو آءِ جي پوزيشن ڪمزور آهي ، ان ڪري چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ ميدان ۾ هجي جيئن نوازشريف جو ووٽ گهٽجي وڃي ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي.

آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان يا بلاول ڀٽو زرداري کي عمران خان سان به همدردي نه آهي ، هو صرف (ن) ليگ کي سوڙهو ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ کي چونڊن جي ميدان ۾ ڏسڻ چاهين ٿا .

بي طرف اليڪشن ڪميشن تحريڪ لبيڪ کي به ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي، نتيجي طور علامه سعد رضوي  پنجاب ۾ ( ن) ليگ کي چونڊن ۾ ڏکيو وقت ڏيکاريندو.

رهيو سوال ته علامه سعد رضوي کي ڪنهن ڪلين چٽ ڏياري آهي ، اهو صرف نوازشريف ئي سمجهي سگهي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز  ڇنڇر 28 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.