گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ) ڪراچي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي اسٽيڊيم جي پارڪنگ ۾ عورت ملازمن کي حراسان ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ذريعن موجب ڪراچي سول ايوي ايشن اسٽيڊيم جي پارڪنگ ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ ايندڙ عورت ملازمن سان چوڪيدار عاقب جاويد مسلسل حراسان ڪري رهيو آهي جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، عورت ملازمن جو چوڻ آهي ته هو پارڪنگ ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ اينديون آهن ته چوڪيدار عاقب جاويد مختلف قسم جا هروڀرو سوال ڪري تنگ ڪري رهيو آهي جنهن جي شڪايت ڪرڻ جي باوجود به ان خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي، گارڊ ۽ ٻين عملدارن جو رويو سٺو آهي، جڏهن سوشل ميڊيا تي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ملازم پارڪنگ ۾ واڪ ڪرڻ وئي ته چوڪيدار منع ڪيس، عورت ملازمن کي حراسان ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.