ڪنڌرا ۾ قتل ٿيل فردوس جي وارثن طرفان پوليس تي بي اعتمادي ظاهر

سکر (رپورٽر)  ڪنڌرا ٿاڻي جي  حد ڳوٺ ابيجاڻو جي رهواسڻ نوجوان عورت 30 ورهين جي فردوس شيخ جي قتل بابت وارثن پوليس تي  بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، مقتولا فردوس شيخ جي ڀاءُ شعيب شيخ عوامي آواز طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نياڻي فردوس شيخ جي قتل ۾ جوابدار منور ڀاڀو ۽ ان جا ٻه ڀائر به ملوث آھن، جڏھن ته پوليس پاڻ فريادي ٿي صرف  ايف آءِ آر ۾ نياڻي جي مڙس منور جو  قتل ۾ سڃاتل ۽ ٻه اڻ سڃاتل  ڏنا آهن پر نياڻي جي قتل ۾  ان جا ٻھ ڏير بشارت ۽ عرفان عرف خان ڀاڀو به ملوث آھن، انصاف ڪيو وڃي، ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي چيو ته فردوس شيخ جي قتل ۾ سرڪار فريادي ٿي آھي ڇو جو مقتولا عورت ڪجھه  سال اڳ گھران نڪري جوابدار منور سان پيار جو پرڻو ڪيو هو جوابدار پاران ڪارنھن الزام مڙهي ناري کي قتل ڪيو ويو آهي، قانون موجب ڪارنهن ڪيسن ۾ سرڪاري فريادي ٿيندي آهي، سڀني جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.