اسلام آباد (م ڊ ) ڊالر جي قدر ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ مسلسل ٻئي هفتي به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ 0.33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته سالياني بنيادن تي ان جي شرح 29.65 سيڪڙو ٿي وئي. انگن اکرن موجب هن هفتي ڪڪڙ جو گوشت 35 رپيا 37 پئسا، بصر 4.52 رپيا، چانور 6 رپيا 44 پئسا، ڪيلا 4 رپيا 22 پئسا، مهري دال 7 رپيا 51 پئسا، چڻن جي دال 3 رپيا 57 پئسا ۽ کنڊ 3 رپيا 23 پئسا سستي ٿي جڏهن ته تازي هفتي ۾ ايل پي جي سئلينڊر، گيهه ۽ تيل به سستو ٿيو. ان کانسواءِ ٽماٽو 22 رپيا 57 پئسا، پٽاٽو 3 رپيا 25 پئسا، بيضا 5.24 رپيا في درجن، ٿوم 3 رپيا 94 پئسا، ٻاڪرو گوشت 4.77 پئسا في ڪلو ۽ ڳائو گوشت 1.3 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو. هلندڙ هفتي 20 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.