حيدرآباد ۾ سنڌ عوامي فورم پاران ايس پي ايس سي ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ عوامي فورم پاران پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سفارش ۽ پئسن تي نوڪريون وڪرو ٿيڻ واري عمل خلاف اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي  ۾ سنڌ عوامي فورم جي چيئرمين حبيب جتوئي، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ڪي بي لغاري، ڊيموڪريٽڪ لائير فورم جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، ڪامريڊ ذوالفقار ٿيٻو، جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميونسپل آفيسر ۽ ٽائون آفيسر جي 17 هين گريڊ جي پوسٽن تي هڪ لک 5 هزار 748 اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 1440 اميدوار لکت واري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيا جن مان 418 اميدوارن کي زباني امتحان ۾ پاس ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته باقي 46 پوسٽون خالي رکيون ويون آهن هنن چيو ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي ٿرپارڪر جي ذهين شاگرد زاهد راهمون کي 93 مارڪون کڻڻ باوجود رشوت جا پئسا نه هجڻ سبب فيل ڪيو ويو. هنن چيو ته ڪميشن چيئرمين وسيم خان ۽ ٻين ميمبرن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري تاريخي ڪرپشن ڪري ميرٽ جو قتل ڪيو آهي ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ سفارشي، نااهل، وزيرن، مشيرن خاص طور تي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل اميدوارن کي پاس ڪيو آهي. هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڪميشن چيئرمين وسيم خان ۽ ميمبرن کي فوري طور تي هٽائي عدالتي ڪميشن جوڙي جاچ ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.