پرڏيهين کي گهر مسواڙ تي ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: عامر مير

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته 31 آڪٽوبر کان پوءِ پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ ۽ گهر مسواڙ  تي ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر مير چيو ته پنجاب ڪابينا ملڪ بدر ڪرڻ واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪ بدر ڪيو ويندو، 36 هنڌن تي هولڊنگ ايرياز ۾ غير قانوني رهندڙ ماڻهو رکيا پيا وڃن، سمورن غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي پهرين نومبر کان اڳ ملڪ ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته هاڻي هو فيصلو ڪري رهيا آهن ته کين ڪهڙي سرحد تان ڊي پورٽ ڪيو وڃي، آپريشن تمام پرڏيهين خلاف بنا فرق جي جاري آهي. عامر مير چيو ته پنجاب ۾ قانوني دستاويز نه رکندڙ 33 هزار پرڏيهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، 31 آڪٽوبر کان پوءِ به رضاڪارانه طور واپسي ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.