فلسطيني عربن جون خون سستو آهي، مسلمانن جي رَتَ جي ڪا قيمت ناهي. سڄي دنيا تي جيڪڏهن نظر ڦيرائجي ته اها ڳالھه سمجهھ ۾ ايندي ته ٽيڪنالاجي جي اڻاٺ جي ڪري مسلمان ملڪ ڏچي ۾ آهن.، ائين به ناهي ته جيترو فلسطيني عرب خوف ۽ ڏچي ۾ آهي ايترو وري اسرائيلي رهواسي به ڀوڳيندو هجي. ان ڪري عرب ان ڳالھه جي وري ايترو سنجيده ناهي جيترو کين هجڻ گهرجي ها، ڇو ته عرب ملڪن جا لاڳاپا فلسطين جي ڪري متاثر ٿيندا به هجن پر اهي به وقتي هوندا آهن، ان ڪري ته مصر سميت، اماراتي عرب، سعودي جا شهزادا، اردن ۽ لبيا به اسرئيل جي ها ۾ ها ملايو ويٺا آهن، پر ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته فلسطيني عربن جي مٿان اسرائيلي ظلم ۽ بربريت جي ڪري مصر ڪڏهن به سفارتي لاڳاپا خراب ناهن ڪيا. جنهن ۾ مصر پوءِ به گيس جي فراهمي مسلسل رکيون پيو اچي.
پر حيرت اها به آهي ته انهن حملن، زيادتين ۽ ظلمن جو جواب عربن کي گڏي ڏيڻ گهرجي ان ڪري ته اسرائيلي جارحيت کٽڻ واري ناهي، اهي چاهن ٿا 1967 کان وٺي مسلسل هي اسرائيلي پنهنجي طاقت ۽ سوڀن جا جھنڊا فلسطيني رتَ ۾ ڳاڙها ڪري پنهنجي طاقت جو ريجُ ڪندا رهن، ڀلا بدلي ۾ عرب به اسرائيل سان ساڳي ڪارِ ڪن پر عرب، خاص معربي طاقتن جي مجرماڻي خاموشي ان ڳالھه جو واضع ثبوت آهي ته جيڪو اسرائيل ٿو چاهي اهو فسلطين کانسواءِ سڄي دنيا ٿي چاهي ان ڪري ته اهي سمجهائڻ چاهن ٿا (خاص عرب ملڪ) ته انهن وٽ هڪ ته ٽيڪنالاجي زيرو آهي، اهي ڪنهن به طاقت جو جواب ڏيڻ جي طاقت ۾ ناهن ان ڪري فسلطيني مري مري اتي پنهنجا قبرستان جوڙي. اها ڌرتي هڪ ڏينهن (يا ترت ئي) اسرائيلين کي بنا جواز لکي ڏيندا ان ڪري گريٽر اسرائيل جو خواب رڳو اسرائيل جو خواب ناهي پر انهن جي پويان آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ۽ دنيا جون ٻيون طاقتون به آهن جيڪي چاهن ٿيون ته دنيا جي مٿان اهڙي قوت قابض ٿئي جيڪا مسلمان جي مٿان، غير عيسائي ملڪن جي مٿان هلان ڪرڻ، انهن کي ڊيڄارڻ ۾ ڪم اچي ان ڪري ته هڪڙو آمريڪا به سڄي غيرعيسائي ملڪن سان نه ٿو وڙهي سگهي، جيڪو اهڙي چال ٿو هلي جيئن نانگ به مري ۽ لٺِ به بچي ان ڪري جو پاڻ آمريڪا جو ٿنڪ ٽئينڪ سيهوني قوتون آهن جيڪي انهن جي پويان سرگرم آهن.
ان ڪري هي وقت مسلمان قوتن جي سوچڻ جو آهي ته اهي رڳو اسرائيل جي چالاڪين ۾ اچي انهن کي “سئوٽ“ ڪري ٿا ملن ان ڪري سعودي ۽ اماراتي عرب اسرائيل سان ٻِٽُ آهن اهي چاهن ٿا جيڪو اسرائيل چاهي اهو ڪري ان ڪري اسرائيل جي چاهت ۾ آمريڪا جي چاهت به شامل آهي. 1967 واري عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ “ابراهام اڪارڊ“ ان ڳالھه جو ثبوت هيو ته اسرائيل پنهنجي جارحيت کي ٻنجو ڏيندو پر هيل تائين فلسطينين جي آبادين تي حملا ڪري اسرائيل رڳو بيت المقدس واري مسجد جو احاطو بچايو باقي ان جي آسپاس اسرائيلي آباديون جوڙي ويٺا آهن ۽ چاهن ٿا بچي ويل فسلطيني غزا جي پٽي مان ۽ ويسٽ بيئنڪ به خالي ڪري ڀڄي وڃن ته اسرائيل کي آجو تَرُ ملي ۽ گريٽر اسرائيل جڙي پئي، پر عرب اسرائيل جي حامي ڀري پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن جنهن جي دورانديش نتيجا خراب نڪرندا.
سال آگسٽ 2020 ۾ جڏهن اماراتي عربن تيل جي فراهمي ممڪن ڪئي تڏهن اماراتي سفارت خانو به کلي ويو ۽ بينجمن نيتن ياهو نومبر 2021 ۾ امارتي جهاز جي پهرين ”لينڊنگ“ تي پاڻ مسافرن کي “اسلام عليڪم“ چئي وڏي بلند آواز ۾ اهو چيو هيو ته اسرائيل توهان جو آهي ۽ توهان هر هر گمڻ ڦرڻ اچو ۽ تعلقات بهتر ڪيو ته جيئن دنيا ڏسي ته اسان ۽ عرب هڪ آهيون، ۽ ٽرمپ واري دور ۾ نيتن ياهوءَ ۽ ڊولنڊ ٽرمپ جي اها ڀرپور ڪوشش هئي ته اهڙو پريشر ۽ پيغام وڌائي رڳو ايران ۽ ڪجھه ايشيائي ملڪن کي پريشان، حيران ۽ وائڙو ڪجي ڇو ته مغرب سميت ايران ۽ پاڪستان به اسرائيل جي مٿي جو سُور ضرور آهن ان ڪري ته ٻنهي ملڪن وٽ ايٽمي طاقت آهي ۽ اسرائيل سميت مغربي دنيا جي پوري ڪوشش آهي ته اهي ملڪ ايٽمي طاقت کان نابري وارن ته جيئن اسرائيل جي لاءِ آسان ٿي پئي ته اهي آمريڪا سان گڏجي دنيا جي غيرعيسائي ملڪن کي هيسائي ۽ دٻائي سگهن.
آگسٽ 2020 تي تيل جي جهازن جو پهچڻ، 14 جولاءِ تي اماراتي عربن جو اسرائيل جي ”ٽيل اويو“ ۾ ايمبيسي کولڻ ۽ نومبر 2021 ۾ فلائيٽ جي ذريعي وري اسرائيل سان واسطا وري مضبوط ڪرڻ ۽ وري اسرائيل جو امارات ۾ سفارتي خانو کولڻ ان ڳالھه جو اشارو آهي ته فلسطيني عربن جو درد باقي عربن جو ناهي پوءِ ترڪيءَ جو طيب اردگان ڀلي ڦڙڪيون هڻي، ٻيا اسلامي ملڪ ڀلي ڪيترا به احتجاج ڪن، روڊ ڀري اسرائيل تي لعن طعن ڪن پر ٿيندو اهو جيڪو آمريڪا چاهيندو ۽ جيڪو اسرائيل پسند ڪندو، ان ڪري ته آڪٽوبر (هن مهيني) پريزيڊنٽ جوئي بائيڊن کي اسرائيلي وزيراعظم ”نفتالي بيننٽ“ اها ڳالھه سڌي سنئي چئي ويٺو ته ”هڪ ته اسرائيل نيون آباديون ٺاهڻ کان نه مڙندو ان جي لاءِ ڀلي فلسطينن جا قبرستان ٺاهڻا پون ۽ ٻيو ته 1967 ۾ فلسطين جي قبضي ڪيل اسرائيلي ڌرتي خالي ڪرڻي پوندي“ ان ڪري اسرائيلن کي عربن جي لڪيل ۽ ظاهري حمايت حاصل آهي ان ڪري ان ڳالھه تي ڪا به ڳالھه نه ٿيندي پر فسلطيني ڌرتي خالي ڪري هليا وڃن ان ڪري 1000 کن ٻيون آباديون به جوڙيندا جنهن ۾ ويسٽ بئينڪ ۽ اوڀر ييروشيلم مان فلسطيني نڪري وڃن.
گريٽر اسرائيل جو خواب رڳو اسرائيل جو خواب ناهي پر انهن جي پويان آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ۽ دنيا جون ٻيون طاقتون به آهن جيڪي چاهن ٿيون ته دنيا جي مٿان اهڙي قوت قابض ٿئي جيڪا مسلمان جي مٿان، غير عيسائي ملڪن جي مٿان هلان ڪرڻ، انهن کي ڊيڄارڻ ۾ ڪم اچي ان ڪري ته هڪڙو آمريڪا به سڄي غيرعيسائي ملڪن سان نه ٿو وڙهي سگهي، جيڪو اهڙي چال ٿو هلي جيئن نانگ به مري ۽ لٺِ به بچي ان ڪري جو پاڻ آمريڪا جو ٿنڪ ٽئينڪ سيهوني قوتون آهن جيڪي انهن جي پويان سرگرم آهن.