ماحولياتي تبديلي سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري گرمي پد ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، ان سان سمنڊ ۾ چاڙهه سبب ڪيترن ئي ملڪن جي اهم وڏن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي، گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، ڪٿي شديد برساتن سبب تباهي ٿي رهي آهي ته ڪٿي وري سوڪهڙي سبب ڏڪار اچي رهيا آهن، فضائي گدلاڻ جي واڌ سبب مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن جيڪي انسان ذات کي موت جي منهن ۾ وٺي وڃن ٿيون.
هن وقت سڄي دنيا ۾ ان موسمياتي تبديلي کان بچڻ لاءِ رٿابنديون ڪيون پيون وڃن ته جيئن ان مصيبت کي منهن ڏئي سگهجي، سڄي دنيا اندر انهن ملڪن ۾ موت جي شرح وڌيڪ ڏٺي وئي آهي جن ملڪن جي معاشي صورتحال خراب آهي، اهي پٺتي پيل آهن، ان ماحولياتي تباهيءَ ۾ دنيا جا امير ملڪ سڀ کان اڳرا آهن ۽ تباهي وري غريب ملڪن جي ٿي رهي آهي جيڪي ان ماحولياتي گدلاڻ ۾ سڀ کان پٺتي آهن.
اهو تمام وڏو الميو آهي ته جيڪي گدلاڻ پکيڙيندڙ ملڪ آهن انهن جو نقصان گهٽ ٿئي ٿو، جيڪي غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ آهن اتي تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو جنهن جو مثال پاڪستان آهي. 2022ع ۾ پاڪستان اندر برساتون شديد پوڻ سبب 3 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي اجهن کان محروم ٿيا، 20 لک گهر تباهه ٿيا، 10 هزار ماڻهو فوت ٿيا، 60 لک جانور بک سبب مري ويا، اربين رپين جو نقصان ٿيو، ان جو پاڪستان هڪ سال گذري وڃڻ باوجود ازالو نه ڪري سگهيو آهي، بلڪه سڄي دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن کان پاڪستان نقصان جي ازالي جي درخواست ڪئي آهي. يو اين او جي سفارش باوجود پاڪستان کي امداد ملڻ بداران قرض فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا آهن.
2010ع جي پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ۾ ٿيل تباهي پاڪستان کي 3 ارب رپيا آمريڪي ڊالر مدد ملي، جڏهن ته 2022ع ۾ ڊونرن پاڪستان کي 297 ملين آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ ڏني ته جيئن هو بنيادي رليف جو ڪم ڪري سگھي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عالمي دنيا پاڪستان کي 2010ع جي ڀيٽ ۾ 2022ع ۾ جيڪا رقم فراهم ڪئي اها تمام ٿوري آهي، جيڪا به امداد نه پر قرض جي شڪل ۾ فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڃا تائين برساتن جي تباهيءَ جو شڪار ٿيل ماڻهو ان الميي مان ٻاهر نه نڪري سگھيا آهن، جڏهن ته سئيز ۽ پاڪستان گورنمينٽ جي وچ ۾ هڪ يادداشت نامي تي صحيحون به ڪيون ويون آهن ته جيئن قدرتي تباهين کان بچاءُ ڪري سگھجي.
پاڪستان کي 7-14 ارب آمريڪي ڊالرن جي گھرج آهي ته جيئن هو ايندڙ تباهين سان منهن ڏئي سگھي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان وٽ ايتري مالي سگھه نه آهي. پئرس ايگريمينٽ مطابق شاهوڪار ملڪن تي اها عالمي ذميواري لاڳو ڪري ٿي ته هو گدلاڻ پکيڙيندڙ ملڪ هجڻ سبب غريب ملڪن کي ان پهچندڙ نقصان کان بچائڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪن. پئرس ايگريمينٽ موجب 2021ع 50 سيڪڙو ڪاربان اميوشن کي گھٽائڻ لاءِ 2030ع تائين پاڪستان کي 35 سيڪڙو عالمي ريسورسز فراهم ڪرڻا آهن ۽ پاڪستان 15 سيڪڙو پنهنجا ريسورسز استعمال ڪري ان تباهيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو.
ماحولياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ، پاڻيءَ جي گدلاڻ سبب ساليانو سڄي دنيا اندر 90 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ گدلاڻ سان لاڳاپيل موت پٺتي پيل غريب ملڪن ۾ ٿي رهيا آهن، جن جو انهي تباهي ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي. 2020ع جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ساليانو فضائي گدلاڻ سبب 34 لک ما ڻهو مري رهيا آهن، جن ۾ 2 لک 37 هزار پنج سالن جي عمر جا ٻار شامل آهن، ان کانسواءِ67 لک پري ميچوئر موت ساليانو ٿي رهيا آهن، اهو تمام وڏو انساني الميو آهي. سڄي دنيا اندر 99 سيڪڙو آبادي غير محفوظ گدلي هوا ۾ ساهه کڻي رهي آهي. آسٽريليا جي هڪ اداري جي تحقيق موجب سڄي دنيا ۾ فقط 0.18 سيڪڙو زمين خطرناڪ ذرن پي ايم 2.5 کان محفوظ آهن.
دنيا اندر پنج ملڪ اهڙا آهن جيڪي تمام گهڻي گدلاڻ جو شڪار آهن، انهن ملڪن ۾ چاڊ، عراق، پاڪستان، بحرين ۽ بنگلاديش شامل آهن.هن وقت پاڪستان سميت دنيا جي سمورن ملڪن هڪ چارٽر تي صحيون ڪيون آهن، جنهن ۾ اهو واعدو ڪيو ويو آهي ته 2030ع تائين گدلاڻ پکيڙيندڙ شين مان جان ڇڏائي ويندي، سڄي دنيا اندر گدلان پکڙجڻ جا بنيادي ڪارڻ هي آهن، ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جا ڪارخانا، صنعتون، تيل تي هلندڙ توانائيءَ جا منصوبا، گاڏين مان نڪرندڙ دونهون، قدرتي گيسون، مينيوفيڪچرنگ جون بايو پروڊيڪٽس، ڪيميڪلن مان نڪرندڙ دونهون ۽ ٻيلن جي واڍي بنيادي ڪارڻن ۾ شامل آهن، جيڪي ماحول ۽ ڌرتي تي رهندڙ جاندار شين ۾ تبديلي آڻين ٿيون ۽ انهن جي لاءَ خطرناڪ آهن.
پاڪستان عالمي ٺاهه موجب 2030ع تائين تيل تي هلندڙ گاڏين ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آڻيندو، ان جي جاءِ تي بجليءَ تي هلندڙ ڪارون، موٽر سائيڪلون، بسون ۽ مال بردار گاڏيون استعمال ڪندو، ان لاءِ به هو عالمي مالياتي ادارن ۽ ترقي يافته ملڪن کان مالي مدد حاصل ڪندو. جڏهن ته چائنا پڻ اهو واعدو ڪيو آهي ته هو 2030ع تائين ڪوئلي مان بجلي تيار ڪندو رهندو، ڇاڪاڻ ته هو ترقي ڪرڻ چاهي ٿو، ان کان پوءِ هو 2050ع تائين ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ بند ڪري متبادل ذريعا استعمال ڪندو، جنهن ۾ سولر ۽ ونڊ ذريعي بجلي تيار ڪري پنهنجي صنعتي ضرورت پوري ڪندو. هن جو موقف آهي ته يورپ جا ملڪ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري صنعتي ترقي ذريعي شاهوڪار بڻجي چڪا آهن، هاڻ چون ٿا ته ڪوئلي مان بجلي نه ٺاهيو، هن ماحولياتي گدلاڻ جو بنيادي ذميوار اهي اولهه جا ترقي يافته ملڪ ئي آهن. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته وڏا ڊيم تعمير ڪرڻ سان به ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، درياهن جي ايڪولاجي تبديل ٿئي ٿي، ٻيلن ۾ گهٽتائي پيدا ٿيڻ سبب پڻ گدلاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، تنهن ڪري انهن جي اڏاوتن تي به پابندي لاڳو ڪئي وڃي يا مالياتي ادارا انهن منصوبن لاءِ قرض مهيا نه ڪن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻوڏن کي نٿا روڪي سگهن، بلڪه پاڻي کوٽ سبب ڏڪارن جو به سبب بڻجن ٿا يا جڏهن ٽٽن ٿا ته انسان ۽ حيوان وڏي پئماني تي اجل جو شڪار ٿين ٿا. گدلاڻ هوا ، پاڻي ۽ زمين جي معيار کي سخت متاثر ڪري ٿي، جڏهن ته فوجي سرگرميون، جنگيون، هٿيارن جو استعمال، گاڏين جو دونهون، جانورن جو ويسٽ پڻ گدلاڻ ۾ واڌاري جا مکيه سبب آهن.
گدلاڻ کان بچڻ لاءِ هيٺيان اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي:
گاڏين کي بجلي تي هلائڻ، روشني ۽ هوا مان بجلي تيار ڪرڻ، ڪوئلي جو ٻارڻ طور استعمال بند ڪرڻ، تيل تي هلندڙ ڪارخانا، جنريٽر، بجلي گهر بند ڪرڻ، شهرن ۽ زرعي ويسٽ کليل ماحول ۾ ساڙڻ بند ڪرڻ، ڪيميڪل جو دونهون زير زمين استعمال ڪرڻ سميت ٻيا متبادل ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا ته جيئن انهن موسمياتي تبديلن کان بچي سگهجي. ان لاءِ امير ملڪن کي اڳتي اچڻو پوندو، غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جي مالي مدد ڪري انهن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪن، ڇاڪاڻ ته هي ماحولياتي تباهي انهن جي پکيڙيل آهي، تنهن ڪري اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي ان نقصان جو زالوڪن ته جيئن هن ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي.