تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٿيندڙ امتحان جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آھن. جنھن کي ڏسي محنتي ۽ اھل اميدوارن جي پيرن جي ھيٺيان ڄڻ زمين کسڪي وئي آھي ۽ اھي تاريخ جي ايڏي وڏي ڌانڌلي ڏسي دنگ رھجي ويا آھن. ساڻن وڏي ويساه گھاتي ڪئي وئي آھي سندن صلاحيتن کي بي آبرو ڪيو ويو آھي. جنھن سان سندن ڊگريون بي معني ۽ بيڪار بڻجي ويون آھن. ڪجهھ بڻجڻ جا خواب اکين ۾ سجائي راتين جا اوجاڳا ڪري محنت ڪندڙ سوين نوجوانن جا خواب ساڀيان ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ڪيا ويا آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سميت ٻين صوبائي ادارن جي ڪارڪردگي بحث ۽ ميڊيا جو اھم موضوع بڻجي چڪي آھي. ان سان گڏ دنيا کي پڻ اچرج مان ڏندين آڱريون اچي ويون آھن. ته مار! سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙو بظاھر غير جانبدار ادارو به ايتري حد تائين وڃي سگھي ٿو؟
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، جيڪو ڪنھن وقت ۾ ھڪ سٺي ساک رکندڙ ۽ ڪنھن قدر قابل اعتماد ادارو ھو، جنھن ھڪ اھڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي، جنھن سان نه رڳو سندس پت وائکي ۽ رھي سھي ساک ڌوڙ ٿي وئي آھي پر ان سان سوين اميدون پڻ مايوسي جي ور چڙھي ويون آھن. اھو چوڻ ۾ ڪو حرج محسوس نٿو ٿئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا پڌرا ڪيل نتيجا سراسر بدنيتي ۽ ڌانڌلي تي ٻڌل آھن، جيڪي ڪنھن به طرح قبول ڪرڻ جھڙا ھرگز ناھن، ڇاڪاڻ ته ان عمل سان اھل اميدوارن جي حق تلفي ٿيندي نظر اچي رھي آھي ۽ ان سان ميرٽ جو قتلام ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي پيو، جيڪو ڪنھن به صورت ۾ نه ٿيڻ گھرجي. قابليت جي قتل تي خاموش رھڻ مطلب جھالت کي قبول ڪرڻ آھي ان لاءِ ان تي چپ رھڻ اخلاقي گناه ۽ ڏوھ آھي. ان قدم سان اھليت جي رستا روڪ ۽ نااھليت کي ھٿي ملندي، ايئن ٿيڻ سان ادارا تباھ ٿي بحرانن جي ور چڙھي ويندا آھن.
ان جو وڏو مثال خود اسان جو ملڪ آھي، جيڪو ڪيترن ئي گھوٽالن ۾ ڦاٿل آھي. قابليت جي قتل سان جھالت وڌندي آھي ۽ جھالت روزانو سوين مسئلن کي جنم ڏيندي آھي ۽ قومن کي ترقي جي راھ ۾ اڳتي وڌڻ ناھي ڏيندي، ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي ويندڙ قومون ڪڏھن به باوقار طريقي سان جيئڻ جي قابل بڻجي ناھن سگھنديون ۽ نه ئي اھي پنھنجو وجود ۽ بقا برقرار رکي سگھنديون آھن.
تازو پڌرو ٿيل نتيجن ۾ انھن اميدوارن کي پڻ فيل قرار ڏنو ويو آھي، جن 90 کان 93 تائين مارڪون کنيون ۽ اھي اميدوار پاس ٿيا آھن جيڪي سھي معني ۾ ميٽرڪ جو معمولي امتحان به پاس ڪري نٿا سگھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ۽ مذاق ٿيل آھي، جنھن سان باصلاحيت ۽ محنتي نوجوانن سان وڏو دوکو ڪيو ويو آھي، نوجوانن کي مايوس ڪرڻ دراصل پنھنجو پاڻ کي مايوس ڪرڻ آھي، باصلاحيت نوجوانن کي دوکو ڏيڻ پنھنجي ھٿن سان پنھنجو آئيندو اونداه جي نذر ڪرڻ جي مترادف آھي.
ويجھي ماضي ۾ پڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو ھو، جنھن سبب عدالت ان وقت جي نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏئي اداري کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ھو. عدالتي پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ اداري ٻيھر ڪم ڪرڻ شروع ته ڪيو پر ھڪ ڀيرو وري اھو ساڳيو عمل ورجايو ويو آھي، جنھن سبب ادارو عدالتي پابندي کي منھن ڏئي چڪو آھي.
سنڌ ۾ نوڪرين جو وڪرو ڪا نئين ڳالھ ناھي، گذريل پندرنھن سالن کان اھو ھڪ قسم جو ڪاروبار بڻجي عروج حاصل ڪري چڪو آھي. ان ڌنڌي ۾ اھي ماڻھون شامل آھن، جن جي رسائي حڪومت ۾ اعلي عھدن تي ويٺل ماڻھن تائين آھي.ميرٽ جي لتاڙ ۽ پئسن تي نوڪرين جي وڪري سبب طبقاتي فرق ۾ غير معمولي واڌارو اچي ويو آھي، جنھن سان سنڌ جي ماڻھن جو ھڪ مخصوص طبقو تيزي سان ترقي ڪندو اوچائي طرف اڏام ڪري رھيو آھي ته ٻيا ماڻھون غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي چڪا آھن. جيڪي زندگي جي بنيادي ضرورتن کان پڻ محروم آھن. ۽ سندن ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر ھوٽلن، گئراجن ۽ ان قسم جي ٻين ھنڌن تي ننڍڙي عمر ۾ سخت پورھيو ڪندي نظر ايندا آھن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پڌرا ڪيل متضاد نتيجن جي خلاف سڄي سنڌ مان سخت ۽ ڀرپور ردِعمل سامھون آيو آھي. سنڌ جي ساڃاه وندن ميرٽ جي لتاڙ ۽ پئسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي خلاف تحريڪ ھلائڻ ۽ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي.اسان چاھيون ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙو ادارو، جيڪو سنڌ جي غريب، محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي وڏي اميد آھي، خود کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري ۽ پنھنجي ساک ھڪ غير جانبدار اداري طور بحال ڪري.
مٿس ڪرپشن ۽ ھڪ سياسي جماعت جو دٻاءُ قبول ڪرڻ جا پڻ الزام سامھون اچي رھيا آھن. ان قسم جا تاثرات ختم ڪرڻ لاءِ اداري جي معتبر ميمبرن کي پنھنجو ايمانداري سان ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ڇا ڪاڻ ته تاريخ ۾ رڳو ڪردار ئي زنده رھندا آھن.