سنڌ ۾ گذريل برساتن ۾ سڀ کان گهڻو نقصان زرعي زمينن تي پوکيل فصلن کي ٿيو آهي ۽ ايئن گهڻو متاثر طبقو به آبادگارن، هارين ۽ مزدورن جو آهي. برساتن کي ڪافي وقت گذرڻ باوجود سنڌ جي زرعي زمين جو وڏو حصو برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. اڃا تائين پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست نه ٿي سگهيو آهي. ان جو سبب ته قدرتي وهڪرن جو بند هجڻ آهي. اهي قدرتي وهڪرا وڏي عرصي کان سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري بند آهن. ٻيو اهم سبب با اثر ماڻهن طرفان ڪيل قبضا آهن.
وڏا ماڻهو وڏا ئي هوندا آهن چاهي انهن جو تعلق حڪومتي ڌر سان هجي يا مخالف ڌر سان پر اهي پنهنجي طاقت رکن ٿا. جنھن ڪري انهن کي وهڪرن جي قدرتي رستي تان هٽائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به آهي. عام آبادگارن کي پاڻي هفتي ۾ هڪ واري ملڻ جو دارومدار به بااثر وڏيرن جي اجازت سان مشروط هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڏي زرعي ايراضي ۾ پاڻي اڪثر موجود رهي ٿو. جنهن کي سمنڊ ڏانهن نيڪالي جو رستو نه پيو ملي. ان برساتي پاڻي بيهڻ سبب ماڻهن جو وڏو انگ پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن، روڊن رستن ۽ محفوظ جاين تي جهوپڙا اڏي ويهڻ تي مجبور آهن .
سنڌ صوبي جي وڏي زرعي ايراضي برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هئڻ ڪري ايندڙ ربيع يا چيٽ جي فصل جي پوکي بابت غير يقيني صورتحال آهي. حڪومت رليف جو اعلان ڪري ايڪڙ تي پنج هزار وڏو احسان ڪيو . چيٽ ۾ ڪڻڪ پوکبي آهي. جيڪا کائڻ لاءِ رکجي ٿي جيئن پورو سال گذر جو سامان ٿي پوي. اضافي ڪڻڪ جو وڪرو ڪيو ويندو آهي. جنهن مان پوکي تي خرچ به نڪري ٿو. ٿوري گهڻي بچت به ٿئي ٿي. هن سال جي غير يقيني صورتحال ۾ جتي سنڌ جي اڪثر ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.
ان آفت سٽيل هئڻ باوجود حڪومتي رعايت جو اعلان نه ٿي سگهيو آهي. حڪومت انهن ضلعن جي زراعت جي بحالي لاءِ ڪهڙا قدم کڻندي ڪا خبر ناهي. يقين هي هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. سارين آڳاٽن ٽماٽن، مرچن ، ڪيلي ۽ ٻين زرعي فصلن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟ ايندڙ ربيع يا چيٽ جي فصل جي پوکي لاءِ حڪومت ڪهڙي رعايت ڏيندي؟ فصل جي پوکي تي ٽريڪٽر ڊيزل، ٻج، ڀاڻ وغيره جي خرچ جو پورائو ڪيئن ڪري سگهبو. پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ هئڻ باوجود اگھه ساڳيو. انهن سمورن مسئلن ۾ سنڌ جو خاص طور تي ٺٽي ساڪري ڳاڙهو گهڻو متاثر آهي. هتي ڪڻڪ جو فصل اڃا پوکيو ئي ناهي ويو. ڪڻڪ جي پوکي جي شروعات آڪٽوبر مهيني جي اڌ کان ٿيندي آهي. جيڪا اڃا شروع ناهي ٿي. فصل لهڻ تائين چئن مهينن جو وقت گهربل هوندو آهي.
هن وقت ڪڻڪ جو ٻج 8300kG،50 ڪلوگرام، مڪئي جو ٻج 50 ڪلوگرام 4000، ٽريڪٽر جي کيڙي پر ڪلاڪ 3400 روپيا مقرر آهي. تيل جا اگهه لهن يا چڙهن پر کيڙي جي اگهن تي ڪو به ضابطو نٿو آندو وڃي.سورج مکي 2 ڪلو هڪ ايڪڙ لاءِ 14000 روپيا تنهن ڪري پنج مهينا اڳ ڪڻڪ جو اگھه صرف فارملٽي هوندي آهي . 4500 روپيا مقرر ڪرڻ سان آبادگارن کي ڪو فائدو نٿو ملي مشڪل ٿئي پر ان جو ٻيڻو فائدو فلور مل مالڪن ۽ واپارين ۽ دڪاندارن کي ٿيندو جيڪي اڳ ئي 5500 هزار روپين تائين اٽي جو وڪرو ڪري رهيا آهن. غريب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
خبر ناهي سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جي اگھه مقرر ڪرڻ جي تڪڙي ضرورت ڇو پيش آئي. جڏهن ڪمند جي فصل جي ڪٽائي نومبر ڊسمبر ۾ ٿيندي آهي. پر ڪمند جي اگھه جي مقرر ڪرڻ بابت ڪو فيصلو سامهون نه اچي سگهيو آهي. اهڙو ئي مسئلو ساريال جي فصل جو پڻ آهي.
شروع ۾ اگھه وري به ڪجهه بهتر ھئا 4200 جيئن ئي فصل لهي مارڪيٽ تائين پهتو ته 3200 روپيا مڻ تي اچي ويو. ڪمند جي فصل توڙي سارين جي فصل جو جو سٺو اگھه ڏيڻ سان آبادگار کي تڪڙو رليف ملي سگهي ٿو. سو ڪڻڪ توڙي ربيع جي ٻج ڀاڄين، ٻج وغيره جي بهتر فصل لاءِ آبادگارن کي سنڌ حڪومت طرفان رليف ملڻ گهرجي.ڍل، آبيانو ۽ لئينڊ ٽيڪس توڙي ٻيا چارجز معاف ڪيا وڃن.زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. نوان زرعي قرض گهٽ وياج ۽ آسان شرطن تي ڏنا وڃن، ٻج ڪيميائي ڀاڻ، ڊيزل جي اگهن ۾ رعايت ڪئي وڃي.ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن.زرعي ٻج جو بهتر اگھه ملڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ته جيئن ننڍا آبادگار ھاري دڪاندارن جي ڳاٽي ڀڃ کان بچي سگهن، ھاري ۽ ننڍا آبادگار ترقي ڪري سگهن.
ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ مهانگي ٻج، دوائن جي اڻ هوند خلاف سراپا احتجاج آهي پر حڪومت کي ڪنهن سان به سروڪار ناهي.ميڊيا جي نشاندهي ۽ آبادگارن جي مسلسل واويلا ڪرڻ کان پوءِ مقامي سطح تي مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاپا به هنيا پر حڪومت آبادگارن جي زخمن تي پاڻي جو ڇنڊو به نه هنيو.