پروفيسر مظهر الدين ميمڻ سنڌ جو برک تعليمي ماهر، محقق ۽ قوم جو سچو ۽ مثالي خدمتگارهو. هو انتهائي ساده طبيعت،پرخلوص ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. هن جي سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن سان وابستگي شروع کان ئي هئي. پروفيسر مظهر ميمڻ وٽ پنهنجا آدرش هئا جن تي هو آخري دم تائين قائم رهيو، سنڌ جي ون يونٽ کان نجات ۽ سنڌ جي سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليمي سجاڳي آڻڻ سندس مک مقصد رهيو.
هن جڏهن سنڌي ماڻهن جي نجات گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ ڏٺي ته هو 1972ع ۾ سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن جي اولين ساٿين جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو. هن مختلف حيثيتن ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو.هن جو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۽ مهراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي بانيڪارن ۾ شمار آهي جنهن سماجي جاڳرتا وارن هنن ٻنهي قومي ادارن کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ بنيادي ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪيو. اڄ تائين انهن ٻنهي ادارن جيڪي ڪجهه به ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي طرفان جيڪي به خدمتون انجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجن مقصدن موجب ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن اهي پروفيسر مظهر ميمڻ جي سموري حياتي جي ڪاوشن جو حاصل قرار ڏيڻ حق جي ڳالهه آهي.
پروفيسر مظهرميمڻ صاحب آڪٽوبر 1946ع ۾ مورو شهر۾ ڄائو، هن پرائمري تعليم مورو ۾ حاصل ڪئي. 1966ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽرسائنس (پري انجنيئرنگ) پاس ڪري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي جي سند ورتي ۽ 1980ع ۾ ٽيڪنيڪل ٽيچرس ايڊيوڪيشن ۾ ڊپلوما گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ هن 26 سال استاد جي حيثيت ۾ گذاريا. هو شاگرديءَ واري زماني کان ئي سرگرم ڪارڪن رهيو. هن ڪئين سال تعليمي پروگرامن ۾ حصو ورتو. هو 6 سال سگا جي روشن تارا اسڪولن جي انتظامي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين طور روشن تارا اسڪول نيٽ ورڪ ۽ ان جي انتظامي ۽ تعليمي سرشتي وارن معاملن کي بهترڪيو. روشن تارا رهبر ۽ سگا رهبر پروفيسر مظهر ميمڻ جا تيار ڪيل اهي رهنما ڪتابچا آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين سگا ۾ رائج آهن ۽ انهن مان فيض ۽ رهنمائي حاصل ڪئي پئي وڃي۔ پروفيسر مظهر الدين ميمڻ روشن تارا اسڪولن سان گڏ مهراڻ ايڊوڪيشنل فائونڊيشن جي اسڪولن جي گڏيل استادن جي سکيا ۽ گهڻا ئي تربيتي ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيا. پاڻ مختلف انٽرنيشنل ۽ نيشنل سطح تي تعليم جي باري ۾ ٿيندڙ ورڪشاپن ۽ سيمينارن ۾ پڻ پنهنجن ادارن جي نمائندگي ڪندا رهيا ان کان علاوه روشن تارا اسڪول اولڊ گوليمارڪراچي سندس قائم ڪيل هوان کي هلائڻ لاءِ مختلف ڊونرز کان فنڊز گڏ ڪندا هئا ۽ ڊونر پروفيسر مظهرميمڻ تي تمام گهڻو ڀروسو۽ اعتبار ڪندا هئا.
سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن جو ٻيو ساليانو اجلاس 18 نومبر 1973ع تي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فش هاربرڪراچي جي آڊيٽوريم ۾ ٿيو، جنهن جون چونڊون اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين محترم پروفيسر مظهرالدين ميمڻ جي نگراني هيٺ ٿيون. جنهن ۾ صدر محترم محمد بلال سيال ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا. پروفيسر مظهرالدين ميمڻ 6 سال جو عرصو سگا جو سيڪريٽري تعليم ۽ 3 سال سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. سگا جي مرڪزي عهدن تي سندس رهڻ ڪري سگا جي تعليمي شعبي ۾ ڪم وڌيو ۽ ان کان علاوهه سموري سنڌ ۾ تعليم ۽ خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي هن خاص طور تي ڪوششون ورتيون. ان کان علاوه صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پڻ سگا کي اڳڀرو ڪيو. پروفيسر مظهرالدين ميمڻ پنهنجي قيمتي جواني ۽ زندگي جا 28 سال سگا ۽ مهراڻ ايڊوڪيشن فائونڊيشن کي ڏنا ۽ هو 4 سال سگا ڪراچي شاخ جو پڻ سيڪريٽري جنرل رهيو. ان ريت هو سگا ۽ مهراڻ ايڊوڪيشن فائونڊيشن سان سموري حياتي لاڳاپيل رهيو.
پروفيسر مظهر ميمڻ صاحب جو مهراڻ ايڊوڪيشنل فائونڊيشن سان گهڻو دلي ۽ روحاني تعلق هو. مظهر صاحب4 سال مهراڻ ايڊوڪيشن فائونڊيشن جي اعزازي سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏنيون. هو 1985 کان 1989ع تائين مهراڻ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جو مسلسل اعزازي سيڪريٽري رهيو ۽ اهو اعزاز پڻ مهراڻ فائونڊيشن کي حاصل آهي ته پروفيسر مظهر ميمڻ هن جو پهريون اعزازي سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه مهراڻ ايڊوڪيشن فائونڊيشن اسڪول بورڊ جو 5 سال 1987ع کان 1990ع تائين ۽ ان کانپوءِ سال 2000ع ۾ پڻ مهراڻ ايڊوڪيشن فائونڊيشن اسڪول بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري رهيو ۽ 5 آڪٽوبر 2000ع جي سندس وفات واري ڏينهن تائين هو مهراڻ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن سان گڏ رهيو.
پروفيسر مظهر صاحب دل جي عارضي سبب 5 آڪٽوبر 2000ع تي پاڻمرادو آغا خان اسپتال ڪراچي پنهنجو معائنو ڪرائڻ ويو ۽ ان دوران ئي کيس دل جو شديد دورو پيو. ڊاڪٽرن جي وس جي باوجود سندس ساهه واپس وري نه سگهيا ۽ هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ ڪراچي ۾ ڀيٽا پروگرام ترتيب ڏنو آهي جيڪو شام رمپا پلازا ۾ سگا جي آفيس ۾ ٿيندو.
( ليکڪ مهراڻ ايڊيوڪيشنل فائونڊيشن، ڪراچي جو چيئرمين، آهي)