گهوٽڪي (رپورٽ: عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ۾ ساوند سندراڻي تڪرار تان ٽانگو هلائيندڙ پيرسن گوليون هڻي قتل ٿي ويو، ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ڪارنهن جي معاملي تان ٻن ڳوٺن ۾ شروع ٿيل ساوند سندراڻي تڪرار ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي کان گهوٽڪي تائين پهچي ويو، گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڪلمه چوڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽانگو هلائي پيٽ گذر ڪندڙ پيرسن فقير غلام قادر سندراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،گهوٽڪي پوليس مقتول پيرسن جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو ساوند سندراڻي تڪرار تان پيش آيو، ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل ساوند سندراڻي تڪرار ۾ پروفيسر اجمل ساوند، وڪيل نور الاهي سندراڻي سميت 19 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن پر هن رت جي راند کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪو به سردار توڙي سرڪار سرگرم نظر نه آيو.