اسلامي ملڪ ۽ گڏيل قومون اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪردار ڪن: حماس

بيروت ( م ڊ ) حماس اڳواڻ عرب، اسلامي ملڪن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ اخلاقي ۽ سياسي  ذميواري ادا ڪن. حماس جي اهلڪار اساما حمدان لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي حماس اڳواڻ چيو ته عرب ملڪن کي گهرجي ته هو اسرائيل سان معمول جا لاڳاپا ختم ڪن. هن چيو ته غزا ۾ انسانيت جي امداد لاءِ ٻيا رستاکوليا وڃن. اسامه حمدان جو چوڻ هو ته ٻارڻ، طبي امداد ۽ ملبو هٽائڻ جو سامان ۽ اوزار غزا ڏانهن موڪليا وڃن ته جيئن ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جا لاش ڪڍيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.