اسپتالن ۾ هاڻي وڌيڪ مريضن جي گنجائش نه آهي: فلسطيني وزارت

غزا ( م ڊ ) فلسطيني اٿارٽي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر مي الڪليلا چيو آهي ته غزا جي پٽي ۾ اسپتالن ۾ هاڻي ڪنهن نئين مريض نه  گنجائش نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي صحت واري وزير ڊاڪٽر مي الڪليلا چيو ته  12 اسپتالون هن وقت اسرائيلي هوائي حملن يا ٻارڻ جي کوٽ سبب ڪم نه ڪري رهيون آهن. اسپتالن ۾ مريضن جي رش وڌي وئي آهي ايستائين جو فرش تي زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي،  هن چيو ته الشفا اسپتال 50,000 بي گھر ٿيل ماڻهن کي پناهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته  ڊاڪٽر اسپتالن ۾ موبائل فون جي بتي تي مريضن جو علاج ڪري رهيا آهن،  صحت جي نظام جي زوال جو مطلب آهي ڪينسر ۽ ڊائلاسسز جي مريضن جو علاج نه ٿيندو. صحت واري وزير چيو ته نرسن ۽ ڊاڪٽرن سميت طبي عملي جا 65  ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.