غزا ( م ڊ ) غزا تي اسرائيلي فوج جي چڙڏياريندڙ بمباري جاري آهي، اتر ۾ الشطي ۽ ڏکڻ ۾ خان يونس پناهگير ڪئمپ تي حملي ۾ ٻارن سميت وڌيڪ 56 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب غزا۾ 24 ڪلاڪن دوران 182 ٻارن سميت وڌيڪ 704 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 5 هزار 800 ٿي ويو آهي. اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 1100 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 15 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جيڪي اسپتالن ۾ دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ڍير مان زخمين کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي، سامان ۽ مشينري جي کوٽ سبب ڪنڪريٽ جي ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان کان علاوا غزا ۾ 830 ٻارن سميت 1500 ماڻهو لاپتا آهن جن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو خدشو آهي. اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران گڏيل قومن جا وڌيڪ 6 عملدار مارجي ويا، عالمي اداري موجب 7 آڪٽوبر کان هينئر تائين مارجي ويل عملي جو انگ 35 ٿي ويو آهي. عالمي اين جي او سيو دي چلڊرن غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي، سيو دي چلڊرن موجب غزا جي پٽي ۾ اٽڪل 1 لک ٻار ڦاٿل آهن.گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا ۾مسلسل 14هين ڏينهن به بجلي مڪمل طور بند آهي، بجلي، دوائن، سامان ۽ خاص طبي عملي جي کوٽ سبب اسپتالن جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي.گڏيل قومن جي موجب 700 مريض جي گجنجائش واري غزا جي الشفا اسپتال هن وقت 5 هزار ماڻهن جو علاج ڪري رهي آهي.