نواز شريف تي مهربانيون، العزيزيا ۾ سزا ۽ توشا خانا ۾ دائمي وارنٽ معطل

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف توشا خانا ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت نواز شريف جا دائمي وارنٽ معطل ڪري  ڇڏيا. نواز شريف توشاخانا ريفرنس ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت نواز شريف جي وارنٽ اڄ تائين معطل ڪيا هئا، احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف کي پيشي ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏنو هو. نواز شريف جي وڪيل مصباح اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٽي درخواستون داخل ڪيون. وڪيل طرفان توشاخانا ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضم ٿيل پراپرٽي بحال ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، ٻئي درخواست ڪئي وئي ته توشاخانا ڪيس ۾ نواز شريف جو وڪيل مقرر ڪيو وڃي، عدالت ۾ نواز شريف جا ضمانتي مچلڪا جم ڪرائڻ جي درخواست به داخل ڪئي وئي. نواز شريف جي ضمانتي طور ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو.  عدالت ملڪيت ضبط ڪرڻ واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ويهه نومبر تي درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر کي عدالت کي چيو ته نواز شريف سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي سندس وارنٽ معطل ڪريو، وارنٽ معطل ٿيندا ته ٽرائل اڳتي وڌندو. هوڏانهن نجاب جي نگران سرڪار العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي. پنجاب جي نگران ڪابينا سرڪوليشن ذريعي سزا معطلي جي منظوري ڏني آهي، صوبائي سڌ سماءُ واري وزير عامر مير نواز شريف جي سزا معطلي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. عامر مير موجب، نگران ڪابينا آئيني اختيار استعمال ڪندي سزا معطل ڪئي، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي سڪيشن 401 تحت نواز شريف جي سزا معطل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾  نواز شريف جي ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.