ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ پوليس جي 29 اهلڪارن جون پگهارون اسمگلنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد روڪيون ويون آهن، اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي دور ۾ هڪ انفارميشن رپورٽ جي بنياد تي ڪشمور، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل، نان ڪسٽم پيڊ اسمگل ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، آفيسرن ۽ اهلڪارن آءِ جي سنڌ جي حڪمن کي نظرانداز ڪندي گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ رپورٽ نه ڪئي يا اجازت کانسواءِ موڪلن تي هليا ويا، جن جي غير حاضرين جو سلسلو شروع ٿيو ته نئين آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا طرفان اهڙن آفيسرن ۽ اھلڪارن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ٽو شاد ابن مسيح پاران ھڪ خط لکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ 29 پوليس انسپيڪٽر، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ پوليس ڪانسٽيبل اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، آفيسرن ۾ ڪشمور ضلعي جو پوليس انسپيڪٽر اختر حسين جتوئي، حنيف کوسو سکر، مير احمد لغاري، عبدالرشيد مارفاڻي شڪارپور، دين محمد لغاري ڪشمير، بابر علي ڪنڀر جو جيڪب آباد ۽ شڪارپور، نواب علي چنا، مولا بخش چانڊيو شامل آهن، اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان جڙيل آهي: مرتضيٰ سولنگي
اسلام آباد: (م ڊ ) سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان افغان صحافين جي وفد ملاقات ڪئي آهي.ملاقات دوران پيش ايندڙ مسئلن ويزا توڙي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان جڙيل آهي، ڪارائتي بارڊر مينيجمينٽ ۽ سڪيورٽي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، ميڊيا جي ذميواري آهي. امن دشمنن جي نشاندهي ڪري ته جيئن رياست کين شڪست ڏئي سگهي.مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته افغان صحافين جي ويزا مسئلن بابت گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو، پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان سمورن پرڏيهين جي قانوني طريقي سان اچڻ کي يقيني بڻائيندو. افغان صحافين جي وفد سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ يقين ڏيارڻ تي شڪريو ادا ڪيو.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ، ڏکڻ آفريڪا بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي
ممبئي ( م ڊ ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمينن هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ٽيم کي ڍير ڪري ڇڏيو، بنگلاديش خلاف 382 رنسن جو ڏنو. ممبئي جي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي بنگلاديش خلاف پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 382 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه ايڊن مارڪرم 60 رنسون، هينڊرڪس 12 رنسون، وان ڊير ڊسين هڪ رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڊيوڊ ملر 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بنگلاديش طرفان حسن محمود 2، مهدي حسن ميرز، شريف الاسلام ۽ شڪيب الحسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.