ارشد شريف جي بيواهه ڪينيا پوليس تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) شهيد صحافي ارشد شريف جي بيواهه ڪينيا پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيا ۾ قتل  ٿيل صحافي ارشد شريف جي بيواهه جويريه صديق جي وڪيل ڪيس داخل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينيا پوليس خلاف نيروبي ۾ ارشد شريف جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ارشد شريف جي بيواهه جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ڪيس نمبر ۽ عدالت جي وڌيڪ هدايتن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. ارشد شريف جي بيواهه  چيو ته هڪ سال کان انصاف لاءِ وڙهي رهي آهيان، ڪينيا پوليس منهنجي مڙس جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي پر معافي نه ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.