پريالوءِ (ن ع آ) مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پريالوءِ جي ڳوٺ الهوڌايو بڙدي جي رهواسي 2 مغوي نوجوانن واجد علي پٽ ڏنل بڙدي ۽ زبير پٽ خادم بڙدي کي ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، اغوا ڄاڻايل ٻنهي مغوين جي وارثن لعل محمد بڙدي، خادم بڙدي، ارشاد بڙدي ۽ ڏنل بڙدي ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻايل نوجوانن زبير ۽ واجد بڙدي کي اغوا ڪندڙ ٽولي پاران آزادي لاءِ 50 لک رپين جي گهر ڪئي وئي آهي، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوانن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، نوجوانن جي آزادي لاءِ ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس هن مهل تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن، پريشان آهيون، نوجوانن کي آزاد ڪرايو وڃي.