نازيه چنو جي خون سان انصاف نه ٿيو، وارث دربدر، والد جو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

وارھ (رپورٽ: منظورقريشي) وارهه جي نياڻي نازيه چنو جي خون سان انصاف نه ٿيو، والد اختيار چنو پاران پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، زيادتي بعد زندگي جي جنگ هارائيندڙ نياڻي نازيه چنو جي والد اختيار چنو،  الطاف چنو، ظفر چنو ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو، نازيه چنو جي والد اختيار چنو چيو ته ٻن مهينن کان مٿي ڏينهن گذرڻ باوجود ڊي اين اي رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي قمبر آصف رضا بلوچ  ٻه ڀيرا واعدا ڪيا جنهن ۾ ھن گڏيل طور 18ڏينهن ٽائيم گھريو، ھن جا واعدا وفا نه ٿيا، اڄ به رپورٽ جاري نه ڪئي وئي، شڪ آھي ته پوليس جوابدارن جي سهولتڪار بڻجي وئي آھي، ھنن چيو ته پوليس ڪارڪردگي  شروعاتي ٽائيم به سست رھي، جنهن جو واضح ثبوت ڊي اين اي جا سيمپل وٺڻ باوجود پوليس ھڪ ھفتي تائين پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هئا، اھڙي خبر پوڻ تي اسان آفيسرن اڳيان احتجاج ڪيو جنهن بعد سميپل ليباريٽري موڪليا ويا، ھنن چيو ته ڊي اين اي جي رپورٽ مهينا گذرڻ باوجود به ڪيس سان نه جوڙي وئي آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته پوليس جوابدارن جي سهولتڪار بڻجي اسان جو ڪيس لوڙھڻ ٿي چاھي، ھنن چيو ته جنسي تشدد جو نشانو بڻيل  اسان جي نياڻي نازيه چنو اعلاج دوران  فوت ٿي وئي جنهن جي صدمي ۾ اسان جي گھر ۾ ڪهرام متل آھي، نازيه جي والد اختيار علي چنو چيو ته انصاف نه مليو ته ھو احتجاجن  پاڻ مٿان پئٽرول ھاري باھ ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.