ميان صاحب جڏھن جڏھن باز ٿيڻ کان باز نھ آيو، تڏھن تڏھن بازي ڦري وئي.
تنهن ڪري هن ڀيري ليگين جي درخواست تي اقبال جو شاهين احتياط سان دبئي مان ڇڏيو ويو ۽ مينار پاڪستان جي ڇانوَ ۾ ٻانھن تي ڪبوتر کي ويهاريو ويو.اھو احتياط بھ ذھن ۾ رکيو تھ ڪبوتر لقا نھ ھجي جو جنھن جو پڇ پک جيان پکڙيل ۽ ڳچيءَ اُڪڙجي اڀي ٿيل ھجي بلڪه سادو غٽر غون ٽائپ ٻاجھر کائيندڙ ڪبوتر آهي (ٻاجھر کي مهرباني ڪري ٻاجھرا ئي پڙهو وڃي ).
اھڙي طرح ڦوڪي ڦوڪي تياري ڪئي وئي جو ھن ڀيري جلسي ۾ نھ تھ ڪا پڃري ۾ بند ڪيل شينھن نظر آيو نھ ئي نعرو لڳو تھ ”ڏسو، ڏسو ڪير آيو،آيو آيو شير آيو“ ڪٿي ڪو اھو نھ سمجھي ويھي تھ خدا نھ ڪري جيڪڏھن ميان شير آھي تھ پوءِ اسين وري ڪير آھيون ؟
ميان صاحب شروعات ۾ شڪيل بدايونيءَ جي ٻن جدا جدا مصرعھ ثانين کي جوڙي ڪري ھن نئون شعر ٺاهيو ۽ ادب کان اڻواقف اسٽيبلشمنيٽ جو ڌيان ڇڪرايو.
ڪھان سي ڇيڙون فسانھ ڪھان تمام ڪرون
ذرا نظر تو ملي ڦر انھين سلام ڪرون.
پر ان غزل جو ھي سالم شعر احتياط طور نھ پڙھيو .
انھي ڪي ظلم ڪا شڪوھ ڪرون زماني سي
انھي ڪي حق ۾ دعائين مين صبح شامل ڪرون
ھن جي تقرير کان اڳ برادر خورد شهباز شريف ”اميد پاڪستان،معمار پاڪستان ۽ عظيم مدبر“ کي خطاب ٿي اشارو ڏئي ڇڏيو ھو، ادا وڏي جي خطاب جو روح ڇا هوندو.هن کي چڱيءَ طرح سمجھايو ويو ھو ته تون هاڻي ماشااللھ ٽيھتر ورهين جو آهين. توهان جي صحت بھ اڳوڻي ناهي. توهان کي شايد هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيون ذميواريون کڻڻيون پئجي وڃن.
ان ڪري ”هر ادارو پنهنجي پنھنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪري“ يا ”پنهنجي حلف جي پاسداري ڪري“ يا ”جمهوريت کي بار بار پٽڙي تان لاهيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي“ يا ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جهڙا گھاتڪ جملا ھر گز زبان تي نھ اچڻ گھرجن. صرف ساديون ساديون ڳالهيون ڪرڻ گھرجن.مثال طور ‘اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا’، ‘اسان ڪنهن کان بدلو وٺڻ نٿا چاهيون’، ‘اسان گڏجي معيشت کي ڌٻڻ مان ڪڍنداسين’، ‘اسان مھانگائي ختم ڪنداسين’، ‘اسان پاڙيسرين سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين” ”فلسطين ۽ ڪشمير بابت پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين“ ”اسين زنده قوم آهيون ۽ گڏ اھو بھ تھ اسين 9 مئي ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين.“ وغيرھ وغيرھ
گمان آهي ته لنڊن ۾ ميان صاحب کي ٽي تصويرون به ڏيکاريون ويون هجن. عمران خان، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ انوار الحق ڪاڪڙ جون ۽ پوءِ فيصلو ميان صاحب تي ڇڏيو ويو ھجي. ھن کي بريف ڪيو ويو ھوندو تھ هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو هن چار سال اڳ ڇڏيو هو. توهان جا تھ صرف پليٽليٽس تبديل ڪيا آھن. پاڪستان جون تھ پليٽون بدلايون ويون آھن.
توهان تھ خوش قسمت آهيو جو توهان کي عدالت سزا ٻڌائي ۽ عدالت ئي توهان جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ۽ عدالت ئي توهان کي علاج لاءِ ٻاهر موڪليو ۽ انھن عدالتن جيتوڻيڪ توهان کي ڏوهاري قرار ڏيڻ باوجود ،توهان کي عارضي ضمانت به ڏني آهي.تھ جيئن توهان بنا ڪنھن خوف ۽ خطري جي اسٽيج تي پنھنجو جلوو پسائي سگھو.
کيس هيٿرو ايئرپورٽ تي ٻڌايو ويو ھوندو تھ توھان سان مرتضيٰ ڀٽو جهڙو سلوڪ نه ٿيندو جيڪو بي نظير ڀٽو جي وزارت اعظميٰ جي دوران، 3 نومبر 1993ع تي ايئر پورٽ تي لٿو تھ ڪئين دھشتگردي مقدمن ۾ اشتھاري ڏوھي قرار ڏيڻ جي ڪري ھن کي سڌو لانڊي جيل پھچايو ويو ۽ ھن جي امڙ ائير پورٽ تي رلندي رھجي وئي.نه ئي ھن ڀيري توهان ان صورتحال مان گذرندا جڏهن توهان جي زال لنڊن ۾ زندگيءَ ۽ موت جي جنگ وڙھي رھي هئي، پر توهان ۽ توهان جي نياڻيءَ جڏھن 14 جولاءِ 2018ع تي لاهور ايئرپورٽ تي لٿا ته توهان ٻنهي کي گهربل جوابدار قرار ڏئي حراست ۾ ورتو ويو ۽ اسلام آباد پھچايو ويو. ايتري تائين جو توھان جو ڀاءُ بھ ٽريفڪ سگنل تي لڳاتار ڳاڙھي بتي جي سگنل جي سبب توھان جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي نه پهچي سگهيو.
ميان صاحب کي ٻڌايو ويو هوندو ته فضا جيڪڏھن وقتي طور تي توهان جي حق ۾ بدليل لڳي رهي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اڳوڻو زمانو بھ جئين جو تئين موٽي ايندو.
اڄوڪي پاڪستان ۾ آئين جي صفحن کي ڦاڙي جهازن بڻائي اڏامڻ معمول جي ڳالهه آهي، عدالت برابر آھي پر ساھمي هوا ۾ لڏي رھي آهي، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر ھڪ عياشي آهي.
رات جو ماڻھو سمهندو آهي ته صبح جو بسترو خالي هوندو آهي. گهر ڀاتين کي بھ پتو نھ ھوندو آھي تھ ماڻھون چاليھه ڏينھن چلي تي ھليو ويو آھي. اترين علائقن ۾ دوستن سان عياشي ڪري رھيو آهي يا ڪنهن غار ۾ ويٺو سوچي رهيو آهي ته ھتان کان اسلام آباد پريس ڪلب وڃڻو آهي يا ڪنهن ٽي وي اينڪر کي فون ڪرڻو آهي. يا ڪنھن جھانگير ترين جي گهر جي گھنٽي وڄائڻي آھي.
ٿي سگهي ٿو ته جهاز جي لينڊنگ کان اڳ ميان صاحب کان اھو ”قسم به کڻايو ويو ھجي“ ته جلسي ۾ اقبال جي ڪنھن شعر جو حوالو ناھي ڏيڻو جنھن ۾ شاھين اڏامندو ھجي. حبيب جالب اڄ کان پوءِ توھان جي لاءِ شجر ممنوعھ آهي. وڌ ۾ وڌ توھان پروين شاڪر کي پڙهي سگهو ٿا يا جيڪڏهن طبيعت گھڻي گرمائي تھ غالب مان ڪم وٺڻ گھرجي.جنھن ڪري ميان صاحب پنهنجي تاريخي تقرير جي پڄاڻي ھن شعر سان ڪئي.
غالب ھمين جن ڇيڙ ڪھ جوش اشڪ سي
بيٺي ھوئي ھين ھم تھيھ طوفان ڪيئي ھوئي.
جهڙي طرح ڇھھ سال اڳ ميان نواز شريف خلاف ڪرپشن ڪيسن نبيرڻ جي لاءِ ثاقب نثار نيب عدالتن تي ھڪ نگران جج مقرر ڪيو هو،لڳي ٿو واپس آيل ميان نواشريف تي شهباز شريف کي نگران مقرر ڪيو ويو آهي. تھ جئين جڏهن به وڏو ميان صاحب عالم جذب ۾ وڃڻ لڳي آهي ته ھوءَ سندس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري تھ بي بيشڪ انسان فاني آهي.
جوليس سيزر جو ڪو ننڍو ڀاءُ نه هو. تنهن ڪري هن تي ھڪ مصاحب جي ڊيوٽي لڳائڻي پئي ھئي ته جڏهن به مان جوش خطابت ۾ ٻڙڪ بازي ۾ مبتلا ٿي وڃان تھ توکي اچي رڳو منهنجي ڪن ۾ اهو چوڻو آهي ته ”سيزر تون لافاني نھ آھين ”
ميان صاحب جلسي جي ختم ٿيڻ تي قوم جي خير جي لاءِ اجتماعي دعا ڪرائي، اسان جي بھ دعا آھي ته جيڪڏهن ميان صاحب کي چوٿون ڀيرو موقعو ملي ته اڳ وانگر پنھنجو دماغ ويڙھائي دل سان فيصلن ڪرڻ بجاءِ خود کي ھن ڀيري نگران وزيراعظم ئي سمجھي تھ جئين ڪو ھڪ دور تھ پورو ٿي سگھي گھٽ ۾ گھٽ.