جيئن جيئن رياستن جا وهنوار وڌندا ويا ته ملڪ هلائڻ لاءِ هڪ مضبوط، موثر ۽ ڦهليل انتظام ڪاري جي ضرورت پئي. ان انتظام ڪاري کي هلائڻ لاءِ مختلف صلاحيت، ڏانءُ ۽ هنر جي حساب سان ماڻهو گهربل هوندا آهن، جيڪي بادشاهن/حاڪمن جي حڪمن يا جمهوري ملڪ ۾ ماڻهن جي چونڊيل حڪمرانن جي هدايتن کي عمل ۾ آڻين. ان پوري ڍانچي کي انگريزيءَ ۾ بيورو ڪريسي ۽ سنڌي ۾ افسر شاهي يا ڪامورا شاهي چئبو آهي. ان نظام ۾ صرف افسر نه پر پوري ادارتي جوڙجڪ شامل هوندي آهي. جيتوڻيڪ عام فهم ۾ شايد وڏن آفيسرن، سي ايس ايس، يا صوبائي سروسز وارن کي افسر شاهي سمجهيو ٿو وڃي، پر جيڪي به ادارا حڪومتي ڪمن لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح ”نوڪري“ سرانجام ڏين، تن کي بيورو ڪريسي چئجي ٿو. هاڻ جيڪي وڏا وڏا خانگي ادارا ۽ صنعتون آهن، جن جا وهنوار وڌيڪ آهن، ان ۾ اهڙي قسم جي ڍانچي کي پڻ بيورو ڪريسي چئجي ٿو. انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا مطابق ”بيورو ڪريسي“ هڪ اهڙو تنظيمي ڍانچو آهي، جنهن کي واضح ڪرڻ يا ان جي وصف جو دارومدار ڪمن جي گهڻائي ۽ پيچيدگي، لڳاتار، پيشه وراڻي انتظام ڪاري، ترتيب واري سهڪار ۽ ضابطي، حڪم جي بجا آوريءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ تي مشتمل آهي. مثالي بيورو ڪريسي جو ڪم ذاتيات کي مٿي، قانونن ۽ قاعدن جو پابند هوندو آهي ۽ دوستي، مٽي مائٽي، ٻين واسطن کي ڪڏهن به قاعدن ۽ ڪمن جي وچ ۾ اچڻ نه ڏيندو آهي.“ادارن کي هلائڻ لاءِ ماڻهن جي گهرج هوندي آهي. اِها گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قسم جا ماڻهو کپن، انهن جو علم، تجربو، صلاحيت، يا ان سان لاڳاپيل ٻيا شرط پڻ واضح ڪندي آهي. انهن ماڻهن جي گهرج کي نوڪري جي آرڊر ۽ ڪم شروع ڪرڻ تائين پهچائڻ لاءِ ملڪن، رياستن، صوبن ۽ ادارن ۾ قانون ۽ قاعدا ٺهيل هوندا آهن، جن جو بنياد اهليت ۽ صلاحيت تي هوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ وقت سان انهن قانونن ۽ قاعدن ۾ بهتري آندي وئي آهي. هاڻ بظاهر ’ڪاغذي ڪارروائي طور‘ تي نوڪريون، قاعدي ۾ ڏنل مرحلن مان گذرڻ کانسواءِ نٿيون ڏئي سگهجن! وري انهن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ٽيسٽ وٺندڙ ادارا جيئن آءِ بي اَي وغيره کي پڻ اڳتي وڌايو ويو. ان جا ميرٽ جي حساب سان بهتر نتيجا آيا. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون. آفيسرن کان سواءِ ننڍن گريڊن لاءِ (سب انجنيئر وغيره) پڻ ڪميشن امتحان ورتا ويا. پر وقت سان گڏوگڏ سياسي، حڪومتي مرضي، وڏن ماڻهن جي ضرورتن ۽ ادارتي سرشتي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ”مطلبي، مطلبيءَ کي سئو ڪوهه تي ڳولي لهي“ جهڙو ڳانڍاپو پروان چڙهيو.دنيا جي تجربن کي ڏسبو ته ترقي پذير ملڪن ۾ اهليت ۽ سياسي پشت پناهي/سفارش جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن. ايئن کڻي چئجي ته ڪجهه نوڪريون ته اهليت جي بنياد تي ته گهڻيون وري سياسي، فائدن، سفارش جي بنياد تي ڏنيون ٿيون وڃن.ترقي يافته ملڪن ۾ سياسي سفارش تي نوڪريون پڻ ڏنيون وينديون هيون. 19هين صديءَ جي آمريڪا ۾ ڪسٽم ۽ پوسٽ آفيس جي کاتن ۾ (جيڪي ان وقت وڏا ادارا هئا) اڌ کان وڌيڪ نوڪريون، سياستدان پنهنجي پارٽي جي بنيادن کي قائم رکڻ ۽ هلائڻ لاءِ ڏيندا هئا. انهن کي پڻ ننڍين وڏين نوڪرين کي سياستدانن جي اثر مان ڪڍڻ لاءِ ڏهاڪا لڳا! ارجنٽينيا جي هڪ سروي (2013ع) مطابق 30 سيڪڙو نوڪريون سياسي پارٽين جي ڪمدارن ڪڙن جي نالي ۾ هيون.پيشه وراڻن عهدن جيئن رٿابنديءَ جي مهارت رکندڙن، بجيٽن جو ڪاٿو هڻندڙ ۽ تجزيو ڪندڙ، انجنيئر يا اهڙي ئي ٻئي خاص قابليت رکندڙ جي نوڪرين ۾ جيڪڏهن سفارش ۽ سياسي فائدن کي ڏسندي ڪم ڪيا ويندا ته پوءِ ان جي قيمت رياست پنهنجي ڪمزوريءَ جي صُورت ۾ ادا ڪندي. سڄو اڏاوتي نظام، انتظام ڪاري، عام انسانن لاءِ خدمتون غير معياري هونديون، ان جو اثر بظاهر سياستدانن تي پوڻ کپي.
تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته سياستدان سمجهن ٿا "هيٺين گريڊن واريون نوڪريون جيڪڏهن پنهنجن ۾ ورهائبيون ته ان جا اثر رياستن جي اقتصادي، سماجي ۽ ترقي واري صورتحال تي خراب نه پئجي سگهندا.” اِهي نوڪريون پنهنجي پارٽي جي ڍانچي ۾ متحرڪ ماڻهن، ڪارڪنن کي ان ڪري ڏنيون ٿيون وڃن ته جيئن سياسي طاقت برقرار رهي. ان کانسواءِ، وقت سان گڏ اِهو پڻ ثابت ٿئي ته فائدن، نوڪرين يا مراعتن جو سرچشمو اُهو سياستدان يا پارٽي آهي.
گهڻن ترقي پذير ملڪن ۾ نوڪريون وٺي ڏيندڙ ڪارنده پاڻ وڏي تعليم يا چٽاڀيٽي وارن امتحانن ڏيڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جي لائق نه هوندا آهن. ان ڪري انهن نوڪرين جي ورڇ ۽ ونڊ ۾ پنهنجي مالي، سماجي ۽ سياسي پوزيشن کي مضبوط ڪندا آهن ۽ ان سان گڏ پنهنجي سياسي پارٽي لاءِ ووٽرن جون همدرديون قائم رکندا آهن.
پنهنجن کي سفارش تي (۽ هاڻ گهڻو ڪري پئسن تي) کڻڻ جي ڪري ماڻهن، برادرين ۽ خاندانن جي وفاداري پارٽي کي ملي وڃي ٿي، پر ان جي نتيجي ۾، تحقيق چئي ٿي، ٻه ڳريون قيمتون ادا ڪرڻيون ٿيون پون: هڪ ته رياست کي هلائڻ جي نظام ۾ ڪمزوري ۽ نااهليت وڌي ٿي. ٻيو اِهو ته جيئن جيئن سرڪاري کاتن (شعبن ۾) اضافو ٿئي ٿو سياسي طور تي ادارتي بهتري ۽ لاڳاپيل شعبي جي اصلي مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ نوڪريون، ٺيڪا ۽ بدليون وهنوار ٿي ٿا پون. ڇاڪاڻ ته سياسي حڪومتن تي روزگار لاءِ هميشه دٻاءُ رهندو آهي، اهي اليڪشن جي ڪاميابين لاءِ نوڪرين ۽ کاتن کي وڌائيندي رهي ٿي! اسان ڏٺو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ڪافي کاتا اهڙا آهن، جن جي بجيٽ جو 90 سيڪڙو (۽ ڪن حالتن ۾ 95 سيڪڙو) فقط پگهارن ۽ انتظامي خرچن ۾ پورو ٿي وڃي ٿو. تحقيق، ترقي ۽ مقصديت وارن عنصرن لاءِ پئسو ئي موجود نه هوندو آهي. سنڌ جي مالياتي آئندي بابت تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته ڪجهه سالن کان پوءِ پينشن، پگهارن ۽ انتظامي خرچ ايترا وڌي ويندا جو ترقيءَ لاءِ، اهم پراجيڪٽن لاءِ، بلڪل پئسا ڪونه هوندا.
ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ۽ موقعا وڌائڻ لاءِ جامع تعميري رٿابندي ڪري سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ روزگار پيدا ڪرڻا آهن. پيداواري صلاحيت، صنعتون ۽ اقتصادي ڪم ڪار ۽ چُرپر وڌائڻي آهي. سياسي طور تي نوڪرين کي هٿيار طور استعمال ڪندي، بنا ڪنهن شفافيت جي نوڪريون پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي ڏيڻ ۽ اهل ۽ قابل اميدوارن کي پوئتي ڌڪڻ سان نه صرف اقتصادي/مجموعي ترقي پويان پير ڪندي آهي، پر اخلاقي ۽ سماجي طور تي پڻ معاشري کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي.
هڪ تحقيق مطابق جتي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جا چونڊ مقابلا سخت هوندا آهن، اتي سياستدان ۽ پارٽيون اهليت جي بنياد تي نوڪرين جي حمايت ڪندا آهن. پر جتي مقابلا گهٽ آهن ۽ ڪنهن به هڪ پارٽي جو وسيع اثر آهي، اتي پارٽي”جيئن وڻي، تيئن ڪري“ واري پاليسي تي هلندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن معاشري ۾ سفارش، اقرباپروري، پئسو ۽ بدعنواني ايترو گهري نموني گهر ڪري وينديون آهن جو عام ماڻهو جو ويساھ انصاف ۽ اهليت کان مڪمل طور کڄي ويندو آهي. پوءِ عام ماڻهو اهليت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي بجاءِ نوڪري لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ، واسطا ڳولڻ ۽ سياسي ليڊرن اڳيان ٻڌا ٻانها ٿيڻ کي ئي بهتر سمجهندا آهن.
ضياءَ جي مارشل لا جي ڪري غريب ۽ عوامي طبقي کي نوڪرين کان گهڻوپري رکيو ويو. 1988ع جي نئين آيل پيپلز پارٽي جي حڪومت پليس مينٽ بيورو جي صورت ۾ پها رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پليس مينٽ بيورو جو شهيد محترمه بينظير صاحبه جو ويزن محروم پاڪستان کي نوڪرين کي ڳنڍڻ جو هو. اِهو 1993ع ۾ وري ڪيو ويو. 2008ع ۾ پڻ نوڪرين جا دروازا سنڌ لاءِ پاڪستان ۽ سنڌ اندر کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن جا بنياد ڪڏهن به ميرٽ، اهليت تي نه رکيا ويا، جنهن جي ڪري وقت سان گڏ ان سياسي ۽ سماجي ڪلچر جون پاڙون مضبوط ٿيون ته نوڪري لاءِ اهليت کان وڌيڪ ٻيا عنصر اهليت رکن ٿا. سنڌ کي جڏهن پنهنجي حقن ۽ نوڪرين کان ڏهاڪن کان سِڪايو ويو، ان صورت ۾ عام غريب ۽ ٻهراڙي جي سنڌي وٽ شايد اُهي تعليمي ۽ ٽيڪنيڪل اهليت (جنهن کان انهن کي پري رکيو ويو) نه هئي، ان ڪري وڏي پئماني تي ماڻهن جي ڀرتي لاءِ نوڪرين جا دروازا کولڻ ضروري هو، پر انهن ماڻهن جي وچ ۾، جيڪي غريب ۽ ڏتڙيل سنڌ تي مشتمل هئا، چٽاڀيٽي ۽ اهليت جا بنياد ته ڏسڻا هئا.
مرڪز مختلف ڏهاڪن ۾ سنڌ سان ٻين ڪيترن ئي ناانصافين سان گڏ مرڪزي کاتن ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ سنڌ کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حق مطابق نوڪريون نه ڏنيون. وري ايئن ٿيندو رهيو ته 1988ع يا 1993ع واري دؤر ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ مليل نوڪرين کي خاص ڪري مرڪزي کاتن مان فارغ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ يا ته پارٽي وري حڪومت ۾ اچي انهن کي بحال ڪيو يا وري گهڻو ڪري هڪ ڊگهي عدالتي ويڙهه جي نتيجي ۾ ملازم بحال ٿيا! ڇو جو اهليت جي گهرج ۽ اصولن تي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو، ان ڪري سواءِ سي ايس ايس ۽ ڪجهه ٻين امتحانن جي، سنڌ مان اهليت تي ويساھ ختم ٿيندو ويو.
جيڪڏهن اهليت کي هڪ پاسي رکندي نوڪرين جي ونڊ ورڇ بابت تجزيو ڪنداسين ته ڪجهه بنيادي ڳالهيون سامهون اينديون: 1985ع مرحوم محمد خان جوڻيجي جي پنج نُقاطي پروگرام کان وٺي 1993ع واري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومتن دوران عام ماڻهن کي نوڪريون مليون ۽ ان ۾ گهڻائي غريبن جي هئي. ٻيو ته انهن دورن ۾ پڻ اهليت چٽاڀيٽيءَ وارا بنياد نه رکيا ويا. ٽيون مشرف جي دور ۾ يا پيپلز پارٽيءَ سان گڏ حڪومت ڪندي متحده قومي موومينٽ پنهنجن ڪارڪنن کي نوڪريون ڏيارڻ ۾ اڳيان رهي ۽ ڪنهن به نئين حڪومت يا ڍانچي انهن کي چئلينج نه ڪيو. چوٿون شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي هر دؤر ۾ مرڪزي کاتن ۾ سنڌ لاءِ نوڪرين جا در کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر 2008ع جي حڪومت اِهو ڪجهه ڪري نه سگهي. مرڪز ۾ پنج سال پورا ڪرڻ جي باوجود سنڌ پنهنجي نوڪرين جو جائز حق جو اڌ به وٺي نه سگهي. پنجون سنڌ ۾ پوئين ڏيڍ ڏهاڪي ۾ ميرٽ تي نوڪرين جا ڪجهه آثار نظر اچن ٿا، پر وقت سان گڏ ان ۾ وڏيون وِٿيون اينديون ويون. ڇهون سڌي سنئين ڀرتين واري 1988ع ۾ پيل رواج جي نتيجي ۾ وڏن ماڻهن ۽ زوراورن پنهنجن مٽن مائٽن، واسطيدارن لاءِ بنا چٽاڀيٽيءَ جي اهم سرڪاري عهدن (پوليس، روينيو، وغيره) تائين پهچڻ آسان ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ شروعات ۾ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙن کي پڻ انهن جي ڀيٽا ۾ نوڪريون ڏنيون ويون. ستون آهستي آهستي پوئين ڏهاڪي کان سفارش، پارٽي سان لاڳاپو ۽ گهڻو ڪري پئسي جا وهنوار شروع ٿيا، جيڪي وقت سان گڏوگڏ گهرا ٿيندا ويا. ان جي سچائي بابت مشاهدن ۽ سماجي ۽ پرنٽ ميڊيا جي تحقيق ڪيل رپورٽن، ڪن حالتن ۾ عالمي تحقيقي رپورٽن پڻ ٻڌايو آهي. ان جو سڀ کان سولو ۽ سادو ”ڏسڻو انگ“ يا تپاس انهن ماڻهن جو ڪم ۽ ڪارج آهي، جيڪي انهن نوڪرين تي چڙهڻ کانپوءِ ڪن ٿا. صلاحيتون اڻلڀ ٿي پيون آهن، ان مان ظاهر آهي ته اهليت ۽ قابليت کي ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهاري تماشو ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۽ پاڪستان جو مستقبل صرف اهليت ۽ انصاف واري طرز حڪمراني تي آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن کي پرائمري کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين، ٽيڪنيڪل ادارن سميت هڪ مربوط رٿابندي ۽ عملي پلان جي نتيجي ۾ معياري طور تي ايترو اڳتي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي جو سنڌ جا نوجوان ، نياڻيون، صوبائي، مرڪزي ۽ عالمي سطح تي بهتر نوڪريون ۽ روزگار ڳولي سگهن. ساڳي وقت اهليت جي بنياد تي ملندڙ نوڪريون عام سنڌ جو لاڙو علم، ڄاڻ ۽ چٽاڀيٽي ڏانهن کڻي اچن. جيڪڏهن صرف چند سال ايئن ڪيو وڃي ته سنڌ جي ادارتي صلاحيت ۾ تمام چٽي بهتري اچي سگهي ٿي.