ونڊوز 10 جي سپورٽ سڀاڻي کان ختم، پريشان نه ٿيو مسئلي جو حل به آهي، طريقو ڄاڻيو

ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرز ۽ ليپ ٽاپس ۾ ٻيو سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ آپريٽنگ سسٽم مائڪروسافٽ جو ونڊوز 10 آهي.
پر مائڪروسافٽ آڪٽوبر 2025 ۾ ونڊوز 10 لاءِ سپورٽ ختم ڪري ڇڏيندي.
ونڊوز 10 کي جولاءِ 2015 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ڪمپني ان جي زندگي ختم ڪري رهي آهي.
14 آڪٽوبر 2025 تي مائڪروسافٽ طرفان ونڊوز 10 لاءِ سپورٽ بند ٿي ويندي، پر توهان ان کي ڪمپيوٽرز ۽ ليپ ٽاپس تي استعمال ڪري سگهندئو
پر ڪمپني ونڊوز 10 لاءِ سافٽ ويئر ۽ سيڪيورٽي اپڊيٽس جاري نه ڪندي ۽ واهپيدارن کي ونڊوز 11 تي منتقل ٿيڻ جي صلاح ڏني ويندي.
هن وقت اٽڪل 43 سيڪڙو ڪمپيوٽرز تي ونڊوز 10 استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي واهپيدار ونڊوز 11 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ نه ٿا چاهين يا سندن ڪمپيوٽر ان لاءِ اهل نه آهي.
واهپيدارن وٽ ٽي آپشن آهن، هڪ ته ڊوائيس اهل آهي ته ونڊوز 11 مفت اپ گريڊ ڪريو، ٻيو اِهو ته نئون ڪمپيوٽر خريد ڪريو جنهن ۾ ونڊوز 11 اڳ انسٽال هجي، يا ميڪ يا ڪروم بڪ تي سوئچ ڪريو، ٽيون آپشن اِهو آهي ته ونڊوز 11 کي وساري ڇڏيو ۽ ايڪسٽينڊ سيڪيورٽي اپڊيٽس (اِي ايس يو) تي سائن اپ ڪريو، ته جيئن هڪ سال تائين ونڊوز 10 تي اپڊيٽس ملنديون رهن.
ٽيون آپشن آسان ۽ مفت آهي.
ايڪسٽينڊ سيڪيورٽي اپڊيٽس تي سائن اپ ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي اپڊيٽس اينڊ سيڪيورٽي چونڊيو، پوءِ ”Enroll now“ تي ڪلڪ ڪريو.
جيڪڏهن لنڪ نظر نه اچي، ته شايد تازيون ونڊوز 10 اپڊيٽس انسٽال ڪرڻيون پون
Enroll now تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه آپشنز ظاهر ٿيندا، جن مان آسان ترين آهي ”Back up your PC settings“.
مفت بيڪ اپ لاءِ ڪجهه شرطون آهن:
1 ونڊوز لاگ ان کي مائڪروسافٽ ڪلائوڊ سان جوڙڻو پوندو.
2 رڳو 5 GB اسٽوريج مفت موجود هوندي، ان کان پوءِ ون ڊرائيو استعمال لاءِ ادائيگي ڪرڻي پوندي.
توهان انهن فائلن جو بيڪ اپ روڪي سگهو ٿا جيڪي محفوظ نه ڪرڻيون هجن، سيٽنگز ۽ ون ڊرائيو ۾ وڃي دستاويز، تصويرون ۽ وڊيوز لاءِ آپشن بند ڪري سگهو ٿا.
سائن ان ٿيڻ کان پوءِ هڪ ونڊو ظاهر ٿيندي، جنهن تي ”Add this device to receive Extended Security Updates“لکيل هوندو، ان تي ”Add device to Enroll“ تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ توهان جو ڪمپيوٽر کي 12 مهينن تائين اپڊيٽس لاءِ ڳڻتي نه ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.