واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان پاڪستان ۽ افغانستان جي جنگ بابت ٻڌو آهي ۽ ان معاملي کي به ڏسندس.
وچ اوڀر روانگي کان اڳ ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان جنگيون روڪرائڻ جو ڪم سٺي طريقي سان ڪري سگهان ٿو.
هن حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته اها اٺين جنگ هئي، جنهن کي حل ڪيو ويو، هاڻ مان ٻڌو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به جنگ شروع ٿي وئي آهي، منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو، مان في الحال هڪ ٻي جنگ کي حل ڪرائڻ وڃي رهيو آهيان، ڇو ته مان اهو ڪم سٺي طريقي سان ڪري سگهان ٿو ۽ امن آڻڻ جو ڪم به ڪري سگهان ٿو.
سندس چوڻ هو ته مان جنگيون روڪرايون آهن پر مان اهو سڀ نوبل انعام لاءِ نه ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪيو.
You might also like