ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سکر ۾ ڦورن هٿان جي آءِ يوٿ جي ڪارڪن ڪريم بخش تنيو جي بيدردي سان قتل ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين عام ماڻهو ڌاڙيل راڄ ۽ رهزنن جي رحم ڪرم تي آهن، جڏهن ته حڪمران رڳو بيان بازي ۽ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 15سالن جي حڪمراني کان پوءِ نگران حڪومت ۾ به عوام جي جان، مال توڙي عزت محفوظ نه آهي، پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان عوام جي کيسي مان هر سال اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ ڪوبه شهر ۽ ٻهراڙي محفوظ ڪونهي جتي امن امان جي مثالي حالت هجي، عوام ڌاڙيل راڄ ۽ رهزنن جي هٿان يرغمال بڻيل حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، هن چيو ته جماعت اسلامي ڪارڪن جي شهادت ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ وارو واقعو سڀ ٺيڪ آهي جو ر اڳ الاپيندڙ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي.