ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لاڙڪاڻي واسي نوجوان احمد بروهي کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ مقتول احمد بروھي جي امڙ ۽ ڀاءُ پيش ٿيا، عدالت طرفان ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو رپورٽ پيش ڪئي، عدالت چيو ته اڃا تائين جوابدار گرفتار ڇو نه ٿيا آھن؟ ايس پي هيڊڪوارٽر چيو ته جلد گرفتاريون ڪيون وينديون، ڪوششون جاري آهن، عدالت چيو ته توهان عدالت ۾ ڪهڙي قسم جو بيان ڏئي رهيا آهيو، اسان توهان کي معطل ڪري گهر ڀيڙو ڪنداسين، جسٽس امجد سهتو چيو ته اوھان ھتي ڇو آيا آھيو، اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي عدالت ۾ طلب ڪيو هو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي، عدالت چيو ته جوابدار سرڪاري ملازم آهي پر توهان ان کي گرفتار ناهيو ڪري سگهيا، عدالت جوابدار کي گرفتار ڪري اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار نور بي بي چيو ته 27 جنوري 2023ع جو احمد بروهي کي اغوا ڪري ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو.