آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجين تي حملن جي ڳڻتي

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ لڳل جنگ پکڙجي وئي ته سڄي خطي ۾ آمريڪي فوجي ۽ شهري خطري ۾ هوندا، آمريڪي خابرو اداري  پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن جي انٽرويو جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن جاري جنگ ۾ واڌ ٿي ته آمريڪي فوج تي وچ اوڀر ۾ حملا ٿي سگهن ٿا.سندن چوڻ آهي ته آمريڪا نٿو چاهي ته وچ اوڀر ۾ اها جنگ وڌيڪ پکڙجي. جڏهن ته  آمريڪا وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي هٿياربند فوج تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسرائيل سان غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ان قدم جو مقصد آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي فوجين تي حملن کان بچائڻ لاءِ قدمن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي. رپورٽ مطابق آمريڪا کي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ يرغمال بڻائڻ درجنين ماڻهن کي ڇڏرائڻ لاءِ پڻ وقت گهربل آهي.

شيخ رشيد سيني ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل

راولپنڊي ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي سيني ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شيخ رشيد کي آر آئي سي جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي سندس طبي  معائنو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي سيني ۾ سور پوڻ سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شيخ رشيد کي اسپتال اندر ڪجهه وقت لاءِ مشاهدي هيٺ رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.