ٺٽي جو نوجوان عرفان مسيح 38 ڏينهن بعد آزاد، جشن

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني جو اغوا ٿي ويل نوجوان عرفان مسيح 38 ڏينھن ڌاڙيلن وٽ قيد ڪاٽڻ بعد آزاد ٿي   گھر پھچي ويو، جشن ملهايو ويو، گهر ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، 38 ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيندڙ نوجوان گذريل رات دير آزاد ٿي ويو، عرفان مسيح کي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي پوليس پارٽي سان گڏ وٺي ٺٽي جي مسيح ڪالوني پھتو، سندس حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي، ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو ته ڌاڙيلن سان مقابلي بعد نوجوان کي آزاد ڪرايو آهي، نوجوان عرفان مسيح کي ٽيڪينڪل بنيادن تي ٽريس ڪري نوجوان کي آزاد ڪرايو، ڪا به ڊيل ناهي ڪئي، آزاد ٿيل نوجوان عرفان مسيح ٻڌايو ته مون کي اغوا ڪري اڻڄاتل ھنڌ تي رکيو ويو، جتي مون تي تشدد ڪندا ھئا پئسن لاءِ مارڪٽ ڪندا ھئا، ھڪ ڄڻو پنجاب واسي اڃا به ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھي، علائقي ۾ اھي پڻ چوٻول ھلندڙ آھن ته ڪجھه سياسي ڌرين جي مدد توڙي وارثن ۽ شھرين جي چندي مان گڏ ڪيل 12 لک رپيا ڀنگ ڏئي نوجوان عرفان مسيع کي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرايو ويو آھي. سوشل ميڊيا تي ٺٽو پوليس مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.