نواز ليگ ۽ آءِ پي پي فوجي عدالتن بابت فيصلي تي مايوسي ڏيکاري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي فوجي عدالتن بابت عدالتي فيصلي تي مايوسي ڏيکاري ڇڏي آهي. آءِ پي پي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڏوهارين کي  رليف مليو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مايوسي ٿي. هن چيو ته ملڪ جو قانون ملڪ دشمن دهشتگردن جو همدرد نه ٿو ٿي سگهي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فياض چوهاڻ چيو آهي ته سولين جي فوجي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ جو فيصلو تڪراري آهي، اهو فيصلو پارليامينٽ جي توهين آهي. هن چيو ته 9 مئي جي جوابدارن جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل پارليامينٽ جو فيصلو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.