تنگواڻي ڀرسان هٿياربندن جو حملو، ننڊ پيل نوجوان قتل

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب باجڪاڻي ۾ هٿياربندن جو حملو گھر ۾ داخل ٿي ڪري ننڊ ۾ ستل  20 ورهين جو  نوجوان شاهد پٽ عبدالزراق باجڪاڻي ڪلاشن ڪوف گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ڪرڻ بعد جوابدر فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او تنگواڻي ٻڌايو ته پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان شاهد پٽ عبدالرزاق باجڪاڻي جو لاش پوليس ۽ وارث کڻائي تنگواڻي اسپتال پهچايو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو ڀنگوار برادري سان جهيڙو آهي شڪ آهي ته انهن اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.