نيو ڪراچي ۾ پوليس وردي پهريل ڏوهاري صحافي کان 3 لک ڦري ويا

ڪراچي (رپورٽر ) نيو ڪراچي ۾ پوليس جي وردي پاتل ڪرولا ڪار ۾ سوار  ڏوهاري صحافي ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار جانوري کان 3 لک ڦر ڪري ويا، صحافي ستار جانوري حيدرآباد کان ڪراچي سهراب ڳوٺ لٿو ته بلاول  ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ اهلڪارن کائنس رقم ڦر ڪئي، ان حوالي سان عبدالستار جانوري ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ علي رضا ۽ ڀاڻيجي عرفان سان گڏجي حيدرآباد کان ڪوچ ۾ سهراب ڳوٺ لٿو جتان رڪشي ۾ نيو ڪراچي لاءِ نڪتا ته بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد م ڪرولا ۾ سوار اهلڪارن کين روڪي تلاشي وٺڻ بهاني کيسي  مان 3 لک روڪ ۽  اين آءِ سي کڻي ويا جنهن جي هنن ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي، هن ٻڌايو ته هن ان گاڏي جون تصويرون به ورتيون آهن جن ۾ پوليس جا اهلڪار سوار هئا، هن چيو ته (بي ايڪس ٽي) ڦر 609 گاڏي جو نمبر پليٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.