اسلام آباد ( م ڊ ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سينيئر اڳواڻ عون چوڌري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ايئرپورٽ تي ملاقات بابت وضاحت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عون چوڌري چيو ته هو ذاتي حيثيت ۾ نواز شريف سان ملڻ ويو هو. عون چوڌري چيو ته سياست کانسواءِ انساني رشتا به هوندا آهن، نوازشريف سان ملاقات جي حوالي سان هو پارٽي قيادت آڏو وضاحت پيش ڪري چڪو آهي. ياد رهي ته عون چوڌري نواز شريف سان ايئرپورٽ تي ملاقات ڪئي هئي، جنهن تي استحڪام پاڪستان پارٽي طرفان وضاحت جاري ڪئي وئي هئي. آءِ پي پي ترجمان جو چوڻ هو ته عون چوڌري جي نواز شريف سان ايئرپورٽ تي ملاقات سان پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي.