اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلين خلاف فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف ڪيس ۾ 9 مئي واقعن جي 9 جوابدارن به سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ورتي آهي. درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، 9 مئي جي واقعي کانپوءِ بطور جوابدار فوجي اختيارين جي حراست ۾ آهيون، حراست دوران فوجي اختيارين جو رويو سٺو آهي. درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي فوجي اختيارين کان انصاف تي پورو يقين آهي، سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي ڪيس ۾ متاثر ڌر آهيون. درخواستن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ اسان کي ڪيس ۾ ڌر بڻائي، سپريم ڪورٽ ڌر بڻائي ملٽري اٿارٽي کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. واضح رهي ته 9 مئي سانحي بابت فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.