ڪراچي ( م ڊ ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو مالي بحران سنگين ٿي ويو ۽ ٻارڻ نه ملڻ سبب فلائيٽ آپريشن به بند ڪيو ويو آهي. پاڪستان اسٽيٽ آئل کان فيول سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي، قومي ايئر لائن جون ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب قومي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن سخت متاثر آهي، جنهن سبب مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي فراهمي نه ٿيڻ سبب پي آءِ اي جون 26 اڏامون ملڪ جي ايئرپورٽن تان معطل ڪيون ويون آهن، جن ۾ ڪراچي کان اسلام آباد، ڪوئيٽا، بهاولپور، لاهور، گوادر ۽ ملتان جون اڏامون شامل آهن.ذريعن موجب لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پشاور ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جون اڏامون به معطل ڪيون ويون آهن.
آءِ پي پي سدائين ن ليگ جي بي ٽيم رهندي : علي زيدي
ڪراچي ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي سدائين مسلم ليگ ن جي بي ٽيم رهندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ علي زيدي آءِ پي پي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش رکندڙن کي صلاح ڏني. سندس چوڻ هو ته آءِ پي پي هميشه مسلم ليگ ن جي بي ٽيم رهندي، عون چوڌري هڪ فرار ٿي ويل جو استقبال ڪيو. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فرار ٿي ويل کي جهانگير ترين جي هيلي ڪاپٽر ۾ وٺي ويا. هن چيو ته مان 28 مئي 2023 تي جيڪب آباد جيل مان سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اڄ تائين غير سياسي آهيان.