ملير ۾ بدامني ۽ چوري وارداتن خلاف واپارين ۽ شهرين جو احتجاج، ڌرڻو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد، سومار ڳوٺ، اسٽيل ٽائون، شاهه ٽائون، پپري جي رئيل اسٽيٽ ۽  واپاري برادري جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي  آڏو علائقي ۾ وڌندڙ بدامني، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ اسٽيل ٽائون پوليس ايس ايڇ او خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد، سومار ڳوٺ، اسٽيل ٽائون، شاهه ٽائون، پپري جي رئيل اسٽيٽ ۽ تاجر برادري جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي آڏو علائقي ۾ وڌندڙ بدامني، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ اسٽيل ٽائون پوليس ايس ايڇ او خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، رئيل اسٽيٽ يونين صدر ضمير احمد چانڊيو، جنرل سيڪريٽري ارشاد علي ابڙو، عنايت علي چانڊيو، زاهد علي چانڊيو، ديدار علي ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته علائقي جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي چوريون، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويو آهي هٿياربند موٽر سائيڪل سوار اچن ٿا ۽ هٿيارن جي زور تي ڦر مزاحمت تي ڪيترائي ماڻهو گوليون جو کاڄ بڻجي چڪا آهن پر پوليس جي ڪارروائي زيرو آهي شناختي ڪارڊ ٺاهرائڻ لاءِ ويل نوجوان جي گاڏي چور ڏينهن ڏٺي جو ڪاهي ويا آهن ۽ ائين شهرين جو جان و مال جو تحفظ پوليس ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي اسٽيل ٽائون جو ايس ايڇ او تاجر برادري ۽ رئيل اسٽيٽ جي ملاقات ۾ چيو ته منهنجو ڪم ماڻهن جي گاڏين جي حفاظت ڪرڻ نه آهي علائقي جي ايس ايڇ او جو اهڙو رويو ۽ جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايس ايڇ او ڪيترو بااثر آهي جنهن جو عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سان ڪو به تعلق ناهي جڏهن ته پوليس ڪا به وڏي ڪارروائي جي رڪوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڦر ٿيل گاڏيون، موبائل فون سميت ڪا به اهم ڪارروائي جي رڪوري ڪري سگهي آهي، چورن جو ساٿاري بڻيل ايس ايڇ او کي هٽائڻ سان گڏوگڏ ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري شهرين جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.