ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي جو لانگ مارچ بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ وڍ کان ڪوئيٽا پهتو، وڍ جي افسوسناڪ صورتحال خلاف بلوچستان نيشنل پارٽي جي قائد سردار اختر مينگل جي لانگ مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اخترجان مينگل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لانگ مارچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ ڊيٿ اسڪواڊ خلاف آهي، بي اين پي کي گرفتارين کان نه ڊڄاريو وڃي، بي اين پي شهيدن جي جماعت آهي، هن چيو ته حڪومت مون کي گرفتار ڪري شوق پوري ڪري. سردار اختر مينگل چيو ته اسان جي جدوجهد ملڪي مفاد، وڍ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ آهي پر حڪومت اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ايپڪس ڪميٽي ۾ فيصلو ڏئي عوام جي راءِ کي اهميت نه ڏئي رهي آهي.