ڀارتي ڪمپني اسرائيلي پوليس کي وردين جي فراهمي بند ڪري ڇڏي

نئي دهلي (م ڊ ) ڀارتي ڪمپني اسرائيلي پوليس کي وردين جي فراهمي بند ڪري ڇڏي  آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ڪمپني اهڙو اعلان غزا جي الاهلي اسپتال تي بمباري کانپوءِ ڪيو آهي. ان حوالي سان ڀارتي ڪمپني جي ايم ڊي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي پوليس کي وردين جي فراهمي روڪڻ جو فيصلو اخلاقي بنيادن تي ڪيو ويو آهي ڇو ته اسپتالن تي بمباري، ٻارن ۽ عورتن کي مارڻ قبولڻ جوڳو نه آهي. ڪمپني اهو پڻ چيو ته غزا جي 25 لک ماڻهن کي کاڌي ۽ پاڻي جي فراهمي کي ختم ڪرڻ پڻ برداشت جوڳو ناهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪيرالا ۾ قائم ڪمپني 2015 کان وٺي هر سال هڪ لک اسرائيلي پوليس ورديون تيار ڪندي آهي.

عمران خان جي آزاديءَ  لاءِ نواز شريف ڪوشش ڪندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف پنهنجن ڪيسن مان آجو ٿي عمران خان جي آزاديءَ  لاءِ به ڪوششون ڪندو، نامياري صحافي رضوان رضي جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نواز شريف  اسٽيبلشمينٽ کي صلاح ڏيندو ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي جيئن هن جو سياسي ميدان  ۾ مقابلو ڪيو وڃي،  اهو صرف هڪ اڳواڻ جو خيال آهي يا اهو ممڪن آهي، ان جو فيصلو به ايندڙ وقت ۾ ٿي ويندو. جيڪڏهن نواز شريف دريا دليءَ  جو مطاهرو ڪيو به ته پي ٽي آءِ وارن تي ان جو اثر هاڪاري بدران ناڪاري پوندو. احسان مند ٿيڻ انهن جي خمير ۾ شامل نه آهي.

شهباز شريaف جو ڊاڪٽر محمود الحسن راجه جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد  (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف آزاد  ڄمون ۽ ڪشمير ڪوٽلي مان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي متحرڪ اڳواڻ اڊاڪٽر محمود الحسن راجه جي اوچتي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هو لاهور ۾ محمد نواز شريف جي آجياڻي واري جلسي ۾ شرڪت کان پوءِ لاهور کان واپسي تي ميرپور ويجهو حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس وفات جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.