جوهي( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو) عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ھاري تحريڪ طرفان جوهي جي بلاول پبلڪ پارڪ ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي جاکوڙي اڳواڻ شينھن رند جي ياد ۾ ڏهاڙو ۽ هاري تحريڪ ضلعي ڪانفرنس جو جلسي عام ٿي گذريو. جلسي کان اڳ شينھن رند جي آخري آرامگاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي وئي، واھي پانڌي اسٽاپ کان وڏي ريلي ڪڍي بلاول پارڪ پھتي جتي جلسي عام ڪيو ويو، جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ماہ نور ملاح، سڀاني ڏاهري، سيباڻي برهماڻي، ستار رند، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، سرتاج چانڊيو، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، شيخ جمال برهماڻي، ايس بي ٽي جي اڳواڻ وحيد بروهي، بخت ملاح، عرس ٻٻر، لال بخش بروهي، امير پريمي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي تيل ۽ گئس ڪمپنيون ضلعي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ مهيا ڪرڻ، دادو ضلعي ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي اربين رپين جي فنڊ هڙپ ڪرڻ تي اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙڻ، دادو سميت سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو پابند ڪرڻ، گورک هل ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جي مطالبن سميت مختلف مطالبن جون قراردادون منظور ڪيون ويون. جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته شينھن رند جدوجھد ۽ جاکوڙ جي علامت ھو جنھن عوامي تحريڪ طرفان قومي طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن ۾ ڀرپور حصو ورتو ڊڪٽيٽر ضيا خلاف ھلايل ايم آرڊي جي جدوجھد دوران جيل ويو، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ٿيندڙ لانگ مارچن ۾ شرڪت ڪئي عدليه جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصو ورتو، جوھي، واھي پانڌيءَ ۾ پاڻي جي اڻھوند، روڊن رستن ۽ صحت سميت مقامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو، جوهي جي روڊن لاءِ ملندڙ رقم چونڊيل وڏيرا هڙپ ڪري ويا آهن، واهي پانڌي، جوهي جا روڊ رستا تباهي جو شڪار آهن. گئس ۽ تيل سان مالا مال جوهي ۽ واهي پانڌي جي عوام کي بک جو کاڄ بڻايو ويو آهي، معدنيات سان مالا مال ڪاڇي جا نوجوان روزگار کان محروم آھن، صحت تعليم پاڻي سميت ڪابه بنيادي سھولت موجود ڪونھي، سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي، لکين افغانين، بھارين، بنگالين، برمين، تاجڪن، هندستانين کي شناختي ڪارڊ ڏئي سنڌ تي قابض ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ ۾ غير قانوني غير ملڪين جا ڪوڙا انگ اکر ظاهر ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ بند ڪن. 40 لکن کان وڌيڪ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا ڌاريا سنڌ ۾ رهن ٿا، هن چيو ته غير قانوني غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ رڳو اعلانن مان ڪجھ نه ٿيندو سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ سرڪار لائه عمل پڌرو ڪري. شماريات کاتي جا افغانين سميت ٻين غير ملڪين بابت پڌرا ڪيل انگ اکر بدنيتي تي ٻڌل آھن جڏھن ته نادرا طرفان سنڌ ۾ لکين افغانين ۽ غير ملڪين جي موجودگي ڄاڻائي وئي آھي، زرعي انقلاب جي نعري هيٺ سنڌ جي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪرڻ جو ڪاروبار هلندڙ آهي، جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري ذريعي سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، خيرپور، ٺٽي جا تڪ ختم ڪيا ويا آهن. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون سنڌ ۾ اسرائيلي رياست ٺاهڻ جي سازش آهن. فلسطينين جيان سنڌين کي به پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي، ٻوڏ متاثرن جي امداد جا پئسا پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا هڙپ ڪري ويا آهن. جلسي ۾ سنڌياڻي ثقافتي گروپ قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪيا.