اسلام آباد (م ڊ) 9 مئي سانحي بابت فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل شروع ٿي ويو ۽ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان عدالت کي ڌار درخواست ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کان آگاهه ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 13 آگسٽ جي حڪم نامي جي روشني ۾ عدالت کي ٽرالز جي شروعات کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو، فوجي تحويل ۾ ورتل ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار ماڻهو جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي ۾ ملوث آهن. اهي پي اي ايف بيس ميانوالي، آءِ ايس آءِ سول لائنز فيصل آباد تي حملي ۾ به ملوث آهن.درخواست موجب حمزا ڪئمپ، بنون ڪئمپ ۽ گوجرانوالا ڪئمپ تي حملي جي الزام ۾ به گرفتاريون ڪيون ويون، 9 ۽ 10 مئي واقعن جي روشني ۾ 102 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جي انصاف جي حق لاءِ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويو، جڏهن ته حراست هيٺ ماڻهن جي مفاد کي ڏسندي ٽرائل ڪيو پيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل دوران بي ڏوهي ثابت ٿيندڙ آزاد ٿي ويندو ۽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندو. درخواست موجب فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کانپوءِ جيڪو ڏوهي هوندو، ان کي معمولي سزائون ٿينديون، واقعن ۾ ملوث جيڪي ماڻهو ڏوهه موجب قيد ڪاٽي چڪا آهن، انهن کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته فوجي ٽرائل کانپوءِ قانون موجب سزائن خلاف سزا يافته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهندا. وفاقي سرڪار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي روشني ۾ 102 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ماڻهن جو انصاف جي حق لاءِ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي.