نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف ڌرڻو

نوابشاهه (ڊ ر)  نوابشاهه ۾ سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري نثار ڪيريو جي ڀاءُ سلمان  ڪيريو کي ھاف فراءِ ڪرڻ واري عمل خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، سيد اطهر شاهه، رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو، ٻڌل مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڪيمپ قائم ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي نثار ڪيريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس منھنجي ڀاءُ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏوھاري ڄاڻائي ھاف فراءِ ڪيو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھن چيو ته فرزانا جمالي حراسمينٽ، ڀنڊن ۽ ماڙي جلباڻي واري واقعي خلاف آواز اٿارڻ تي پوليس رياست جي ونگار وهندي اسان کان انتقام وٺي رھي آھي، نواب شاهه پوليس ۽ هتان جا ڀوتار ايس ٽي پي ۽ ان جي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن ته ايس ٽي پي فرزانه جمالي حراسمينٽ ڪيس، ڀنڊ نوجوانن جو ناحق خون، توڙي ماڙي جلباڻي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ان جي سزا ڏني پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.