بيگم نصرت ڀٽو صاحبه اها عظيم اڳواڻ ۽ بهادر ماءُ آهي جنهن جو نالو سامهون اچڻ سان ئي اکيون آليون ٿيو وڃن. سندس قرباني ۽ بهادريءَ جو ايترو ته شاندار داستان آهي جنهن جو هن ملڪ جي تاريخ ۾ ٻيو ڪوئي به مثال نٿو ملي سگهي.بيگم نصرت ڀٽو جو جنم 23 مارچ 1929ع تي ايران جي شھر اصفهان ۾ هڪ واپاريءَ مرزا محمد اصفهانيءَ جي گهر ۾ ٿيو.
شروع ۾ سندس والدين بمبئيءَ ۾ رهندا هئا. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي شادي مشھور سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان 5 سيپٽمبر 1951ع ۾ ٿي ھئي.شروع ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هڪ گهريلو خاتون ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي شريڪ حيات طور سڃاتي ويندي هئي ۽ شاديءَ کانپوءِ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي.
هن عظيم ۽ بهادر عورت جي قرباني جو داستان ڏکائيندڙ، ڊگهو ۽ لازوال آهي.جنھن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو.بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اها بهادر عورت آهي، جنهن بي انتها سختيون سهندي به وطن ۽ عوام سان وفا ڪئي.
بيگم نصرت ڀٽو جنھن پنهنجي مڙس، پٽن ۽ هڪ نياڻي سميت پنهنجي خاندان جي چئن فردن جي لازوال قرباني ڏئي مادر ملت جو اعزاز حاصل ڪيو. نصرت ڀٽو پنھنجي ور ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاريءَ کان پوءِ عملي سياست ۾ پير پاتو ۽ پارٽي کي سنڀاليو.
ھن پنهنجي مڙس جي گرفتاريءَ خلاف، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ آئيني پٽيشن پڻ داخل ڪئي هئي جيڪا پٽيشن ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضيا جي خلاف هئي.انهيءَ کانپوءِ مسلسل بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ڪورٽن کان مڙس جي آزادي لاءِ انصاف وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي رهي، پر کيس انصاف پلئه نه پيو ۽ ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، ان فيصلي تي 4 اپريل 1979ع تي عمل ڪيو ويو .
مڙس جي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ٿي. سياسي جدوجھد دوران مختلف وقتن تي مٿس بدترين تشدد پڻ ٿيو ۽ کيس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو.بيگم صاحبه جي قسمت ۾ ايترا غم ۽ درد لکيل هئا، جن جو تصور ڪرڻ سان ئي اکين ۾ ڳوڙھا اچيو وڃن، جلاوطنيءَ واري زماني ۾ سندس ڳڀرو پٽ شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ قتل ڪيو ويو ھو.
نصرت 1987ع جي نومبر واري مھيني ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان واپس آئي ھئي، جيڪا علاج سانگي ملڪ کان ٻاھر ھئي.تاريخ جي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته نصرت صاحبه، چار ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي هئي.
شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ کانپوءِ ملڪ ۾ مسلسل مارشل لاءِ لاڳو رهيو، جنهن دوران ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سزائون ڏنيون ويون.جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ دوران بيگم نصرت ڀٽو پڻ پاڻ ملھايو ۽ سدائين ميدان عمل ۾ سرگرم رھي.
ضياءُ الحق جنھن سرڪاري مشينري ۽ طاقت جو استعمال ڪندي ريفرنڊم ذريعي خود کي صدر چونڊرايو ته جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي زور ورتو، جنھن جي نتيجي ۾ ضياءُ الحق مجبور ٿي پيو ۽ ھن 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرايون ۽ ملڪ جو نئون وزيراعظم محمد خان جوڻيجو بڻيو، جنھن جي حڪومت پڻ مئي 1988ع ۾ ختم ڪئي وئي.
19 آگسٽ 1988ع تي ضياءُ الحق ھڪ ھوائي حادثي جو شڪار ٿي ويو ته ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي جي اميد پيدا ٿي.
عام چونڊن ۾ نصرت ڀٽو ٻن تڪن يعني چترال ۽ لاڙڪاڻي مان ڪامياب ٿي ۽ قومي اسيمبيلي جي ميمبر بڻي. ياد رھي ته ساڳئي وقت محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزير اعظم جو اعزاز حاصل ڪيو. نصرت ڀٽو 1990ع ۽ 1993ع ۾ لاڙڪاڻي جي تڪ مان ڪامياب ٿي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر پڻ ٿي ھئي.
ذوالفقار علي ۽ شاھ نواز جي شھادت کان پوءِ مرتضيٰ ڀٽي جي موت واري خبر کيس تمام وڏو صدمو ڏنو، جنھن کيس جھوري وڌو، ان کان پوءِ ھوءَ مسلسل بيمار رھڻ لڳي، زندگي جي پڇاڙڪي ۾ پڻ ھن کي ھڪ وڏو ڏک مليو، جيڪو محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جو ڏک ھو.
بيگم نصرت ڀٽو 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ وفات ڪري وئي، کيس ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.بيگم نصرت ڀٽو صاحبه اڄ اسان وٽ جسماني طور تي ته موجود ناهي پر سندس لازوال جمھوري ڪردار، جدوجھد ۽ قرباني کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
هن عظيم ۽ بهادر عورت جي قرباني جو داستان ڏکائيندڙ، ڊگهو ۽ لازوال آهي.جنھن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو.بيگم نصرت ڀٽو صاحبه هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اها بهادر عورت آهي، جنهن بي انتها سختيون سهندي به وطن ۽ عوام سان وفا ڪئي.