سنڌ جا تباهه ٿيل اسڪول

تحرير: ذلفي چاچڙ

سنڌ ۾ تعليم جي ڇا صورتحال آھي، ۽ ان جي ترقي لاءِ  ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي؟ اھو سڀ سمجھڻ لاءِ  بس ھيءَ  ھڪ تصوير ئي ڪافي آھي.

ھيءَ  تصوير ھڪ دانھن ۽ ھڪ سڏ آھي، جنھن کي ٻڌڻ جي ضرورت آھي. پر اھا دانھن ڪير به   نٿو ٻڌي ۽ اھو سڏ ڪنھن به ناھي ورنايو. ڇو ته  ھتي اعليٰ آفيسرن جي ڪنن ۾ ڪپهھ پيل آھي ۽ انھن جون اکيون لالچ ۾ انڌيون ٿي چڪيون آھن، جيڪي سنڌ ۾ موجود ھن قسم جا تباهه ٿيل اسڪول ڏسي نٿا سگھن.

سنڌ جي تعليم کي واپار بڻايو ويو آھي، جنھن  سان طبقاتي فرق پيدا ٿي رھيا آھن، سرڪاري اسڪولن تي ڌيان نه ڏيڻ سبب امير والدين  پنھنجي ٻچڙن کي خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائي انھن جون ڳريون فيسون ۽ ڀاري خرچ برداشت ته ڪري وڃن ٿا، پر غريب والدين، جن لاءِ  پنھنجو ۽ پنھنجي عيال جو پيٽ پالڻ به ھڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آھي، پنھنجي ٻارن لاءِ  مھانگين اسڪولن مان مھانگي تعليم خريد ڪري نٿا سگھن. جنھن سبب سوين غريب ٻار تعليم جھڙي نعمت ۽ بنيادي حق کان محروم رھجي وڃن ٿا.

عالمي ادارا پڻ پنھنجي سروي رپورٽ ۾ اھو ٻڌائي چڪا آھن ته سنڌ جا ھزارين ٻار اسڪول وڃي نٿا سگھن، جنھن جا ٻه سبب آھن، ھڪ غربت ۽ ٻيو تعليم جي تباھي. ھيءَ  تصوير ھونئن ته اوٻاوڙي تعلقي ۾ واقع ڳوٺ حاجي ميرل خان مزاري جي ھڪ پرائمري اسڪول محمد بخش مزاري جي آھي، پر سڄي سنڌ جي اسڪولن جي مجموعي صورتحال ساڳئي آھي.

ھِن اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 80 ٻار تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، جتي صرف ھڪ استاد مقرر ٿيل آھي ۽ عمارت مڪمل طور تي زبون ٿي چڪي آھي، جيڪا ڪنھن به وقت ڪنھن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. ان لاءِ   اعلي اختيارين کي تڪڙو نوٽيس وٺڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.